| نوشهروفيروز: 2000 استاد ۽ عملو فريم ايپ ۾ غير حاضر |
مورو (ن پ ا) نوشهروفيروز جي 2 هزار کان مٿي استادن ۽ عملي کي فريم ايپ سسٽم غير حاضر ڄاڻائي ڇڏيو، ان ڏس ۾ تعليم کاتي پاران هڪ هفتي جي فريم ايپ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ مختلف اسڪولن جي 2 هزار استادن ڪلارڪن پٽيوالن ۽ چوڪيدارن کي غير حاضر ڄاڻايو ويو آهي، هوڏاهن استادن جو چوڻ آهي ته اهي اسڪولن جي مسٽرول ۽ ٿنب جي بايو ميٽرڪ سسٽم ۾ حاضر آهن پر چهري جي سڃاڻپ واري فريم ايپ سسٽم ۾ غير حاضر ڄاڻايا ويا آهن،