| نوشهروفيروز: 7 هزار پکي شڪار بعد پنجاب منتقل |
نوشھروفيروز(رپورٽر) جهنگلي جيوت کاتي 7 هزار کان وڌيڪ پکين جو شڪار ڪري پنجاب موڪليندڙ گروهه خلاف نوشھروفيروز جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، جنگلي جيوت کاتي جي انسپيڪٽر غلام مرتضي خشڪ موجب عبدالرشيد کوسو، موسيٰ ملاح، مرتضيٰ ملاح، عرفان ملاح، ياسين چنا سميت 10رڪني بين الصوبائي گروهه تتر، ٻٽير، آڙين سميت ٻين 7 هزار پکين جو شڪار ڪري مڇي جي نالي ۾ ڪوچ ذريعي پنجاب جي شھر خانيوال موڪليا، ڇاپي دوران شڪار ڪيل پکي هٿ آيا، اهڙي رپورٽ ملڻ کانپوء جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آھي، جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي