| نوشهرو فيروز بار جي اڪائونٽ مان هڪ ڪروڙ 92 لک گم |
نوشهروفيروز(رپورٽر) نوشهرو فيروز بار ايسوسيئيشن جي اڪائونٽ مان هڪ ڪروڙ 92 لک گم ٿي ويا، ان ڏس ۾ نوشهروفيروز ضلعي بار جي الائيڊ بينڪ نوشهرو فيروز واري اڪائونٽ مان وڪيلن جي فين ۽ سرڪار پاران ڏنل فنڊن جا هڪ ڪروڙ 92 لک رپيا غائب ٿي ويا آهن، هن وقت اڪائونٽ ۾ رڳو 9 لک 87 هزار موجود هئا، هوڏاننهن بار جي موجوده خزانچي ۽ وڪيل اڳواڻن شير محمد اڄڻ، ابرار حسين چانڊيو، عبدالقادر خانزادي، شڪيل عباسي، نعيم لهراڻي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته بار جو صدر اياز مري ۽ جنرل سيڪريٽري شوڪت ٻوهيو پئسا گم ڪرڻ جا ذميوار آهن، مامري جي جاچ ٿيڻ گهرجي. وڪيل اڳواڻن چيو ته سنڌ بار ڪائونسل ۽ ٻيون اختياريون رقم واپس ڪرائين، اسان بار ۾ وڪيلن کي سڏايو آهي، اجلاس بعد اهم پريس ڪانفرنس ڪنداسين.