نوشهرو فيروز تعليم کاتي جا 151 استاد ۽ 198 ٻيا ملازم لاڳيتو غير حاضر، لسٽ صوبائي وزير حوالي

نوشهرو فيروز تعليم کاتي جا 151 استاد ۽ 198 ٻيا ملازم لاڳيتو غير حاضر، لسٽ صوبائي وزير حوالي

نوشهرو فيروز( رپورٽ: مختيار سهتو)  چيف مانيٽرنگ آفيسر نوشهروفيروز طرفان تعليم کاتي جي 151 استادن کي غير حاضر ۽ 198استادن ۔پٽيوالن۔ ڪلارڪن ۽ اسٽاف کي مسلسل غير حاضر ڄاڻائي لسٽ جاري ڪري ڇڏي تفصيل موجب” ضلع چيف مانيٽرنگ آفيسر نوشهرو فيروز تعليم کاتي جي غير حاضر ۽ مسلسل غير حاضر رهندڙ ملازمن جي لسٽ جاري ڪئي جيڪا لسٽ” پنهنجي اخبار” هٿ ڪري ورتي آھي جنھن ۾ زاهد حسين ۔خادم حسين۔سيد احمد علي۔ بلاول خان ،مشتاق احمد ،روبينا ۔امتياز علي ۽ ٻيا شامل آهن اهڙي لسٽ جاري ٿيڻ کانپوء ميل فيميل استادن ۔ڪلارڪن ۽ پٽيوالن ۾ ٿرٿلو متل آفيسرن چونڊيل نمائيندن کي ميڙ منٿ ڪرڻ لڳا مانيٽرنگ آفيسر سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته ضلعي نوشهروفيروز جي مختلف تعلقن نوشهرو فيروز ۔محرابپور ۔ڪنڊيارو۔ڀريا۔مورو سميت پنجن ئي تعلقن ۾ تعليم کاتي جا ملازم جيڪي 151 غير حاضر آهن جڏهن ته 198 استاد ،ڪلرڪ،پٽيوالا مسلسل ڊيوٽين تان غائب آھن انھن خلاف محڪم ماتي ڪارروائي ڪئي ويندي مانيٽرنگ آفيسر پاران اھڙي ڪاپي  تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه، ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز، سيشن جج نوشھروفيروز جي پرسنل اسسٽنٽ کي پڻ اھڙا ليٽر ڪاپي ڪيا ويا آھن