| نوشهرو فيروز: جيل ڪسٽڊي ٿيل جوابدار شاهد مجيداڻو فوت : وارثن پاران قتل جا الزام |
نوشهرو فيروز (رپورٽ: مختيار سهتو) نوشهرو فيروز ۾ جيل ڪسٽڊي ٿيل جوبدار شاهد حسين مجيداڻو جيل ۾ فوت : وارثن پاران قتل جا الزام، ان ڏس ۾ نوشهرو فيروز جيل ۾ جهيڙي ڪيس ۾ قيد جوابدار شاهد حسين ولد طالب حسين مجيداڻو فوت ٿي ويو. جيل ذريعن مطابق قيدي اوچتو بيمار ٿيو، جنهن کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي پر هن دم ڏنو. جيل انتظاميا باندي جي لاش کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي ليٽر سان گڏ سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي سول جج جي نگراني ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جيل عملدارن ٻڌايو ته شاهد حسين مٿان پڊعيدن ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل هو، معاملو عدالت ۾ هلي رهيو هو، پوسٽ مارٽم مڪمل ٿيڻ ۽ قانوني ڪارروائي کانپوءِ باندي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سول اسپتال ۾ موجود ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب موت جي اصل سبب بابت تفصيلي طبي رپورٽ جلد جاري ڪئي ويندي، هوڏانهن فوتي قيدي جي وارثن عابد مجيداڻو ۔ اشفاق مجيداڻو ۽ ٻين چيو ته شاهد حسين مٿان يوسي چيئرمين ڀانڀري ۽ ٻين پاران ڪيس داخل ڪرايو هو ، اهي سان کي ڌمڪيون به ڏيندا هئا ته شاهد کي جيل ۾ قتل ڪرائينداسين، هنن الزام هڻندي چيو آهي ته اسان جي ڀاءُ جو موت تشدد ڪري ٿيو آهي، هنن سيشن جج نوشهرو فيروز کي اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽيس وٺي جاچ ڪاميٽي جوڙي وڃي