نوشهرو فيروز جيل ڪوس گهر  ۾تبديل: هفتي اندر هڪ وڌيڪ قيدي حياتي وڃائي ويٺو

نوشهرو فيروز جيل ڪوس گهر  ۾تبديل: هفتي اندر هڪ وڌيڪ قيدي حياتي وڃائي ويٺو

نوشهرو فيروز(رپورٽر) نوشهرو فيروز جيل ڪوس گهر  ۾تبديل: هفتي اندر هڪ وڌيڪ قيدي فوت ان ڏس ۾ ڊسٽرڪٽ جيل ۾ علاج جون اڻپوريون سهولتون هجڻ ڪري هفتي اندر هڪ ٻيو قيدي امير علي لاشاري دل جي تڪليف سبب فوت ٿي ويو، هڪ سال کان قيد امير علي لاشاري کي طبيعت اوچتو خراب ٿيڻ تي بيهوشي واري حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن قيدي امير علي لاشاري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن کانپوءَ  جيل انتظاميا قيدي جي وارثن کي اطلاع ڏنو، ضروري ڪاروائي کانپوءِ قيدي امير علي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن کي اباڻي ڳوٺ ميهر علي لاشاري جي قبرستان ۾ دفنايو ويو،