| نوشهرو فيروز جي يوسين ۾ ڪرپشن: سيڪريٽري معطل |
پڊعيدن (ن پ ا) نوشھروفيروز جي ڪيترن يونين ڪائونسل ڪوٽڙي ڪبير.يونين ڪائونسل کوھي جلال.يونين ڪائونسل ٻيلا واھ يونين ڪاؤنسل ڀانڀري سميت ٻين يونين ڪائونسلن مان لکين رپين جي ڪرپشن جي الزام هيٺ سيڪريٽري زاھد حسين راڄپر کي معطل ڪيو ويو آهي. سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ ڊائريڪٽر 2 ڪيلاش ڪمار پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته زاھد حسين راجپر سيڪريٽري يونين ڪاؤنسل ڀانڀري کي عوامي شڪايتن تي معطل ڪجي ٿو عوام سان بھتر رويو نه ھجڻ ۽ پاورن جو غلط استعمال ڪرڻ جي ڪري کيس معطل ڪيو ويو آھي ۽ کيس سنڌ لوڪل بورڊ ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏجي ٿو جڏهن ته ٻئي طرف انتھائي اھم لوڪل گورنمينٽ جي ويجھن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته نوشهروفيروز ضلعي اندر مختلف تعلقن ۾ 68 جي لڳ ڀڳ يونين ڪائونسلن ۾ مقرر سيڪريٽرين کي 2 کان 3 ۽ 4 يونين ڪائونسلن جون چارجون وٺي ڏيڻ وارو ڪم لکين رپين جي رشوت عيوض موجوده سيڪريٽري زاھد حسين راڄپر جي پاران ڪيو ويندو ھو ۽ ھي انھن سيڪريٽرين کان ھر ماھوار سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ جي نالن سان وصولي ڪندو ھو. رهواسين لوڪل گورنمينٽ جي اختيارن پاران زاھد حسين راڄپر کي معصل ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪندي اھا گھر ڪئي آھي ته ھن پاران ڪيل سموري ڪرپشن جي جاچ ڪئي وڃي ته ڪافي ڳالھيون ظاھر ٿي پونديون.