| نوشهرو فيروز: خوني ڪوچ 2 سوٽن کي چيڀاٽي ڇڏيو: 5زخمي |
نوشهروفيروز(رپورٽر) نوشهروفيروز لڳ حادثو:2 ڄڻا فوت 5 زخمي، ڪراچي کان پنجاب ويندڙ خوني ڪوچ موٽر سائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ منصور کوکر ۽ غلام مصطفيٰ کوکر موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪوچ ٽرالر سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ ڪوچ مسافر سعيد وزير، شاهد علي سميت 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوتين جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته فوت ٿيندڙ ٻئي سڳا سوٽ هئا، جيڪي موٽرسائيڪل تي پنهنجي ڳوٺ نور پور وڃي رهيا هئا حادثي کانپوءِ ڪوچ ڊرائيور فرار ٿي ويو.