نوشهرو فيروز ضلعي ۾ 40 ڪلاڪن کان بجلي بند: عوام عذاب ۾ اچي ويو: سيپڪو بحالي ۾ ناڪام
مَي 18, 2023
نوشهروفيروز( رپورٽر) نوشهروفيروز جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن علائقن م 40 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بجلي بحال نه ٿي سگهي، گرمي سبب ماڻهو بي حال
مورو ۽ ڪنڊيارو وٽان 132 ڪي وي جا ٿنڀا ٻه ڏينھن اڳ آيل طوفان سبب ڪري پيا هئا 40 ڪلاڪ گذرڻ باوجود انهن جي بحالي لاءِ تحرڪ نه ورتو ويو
گڊو ۽ ڄامشورو کان بجلي جي سپلاءِ معطل هجڻ سبب ضلعي جي ننڍن وڏن علائقن ۾ بجلي بند پيل آهي
سخت گرمي سبب پريشان شهرين جا بجلي بند هجڻ سبب اهنج ٻيڻا ٿي ويا آهن، نائين ۽ ڏهين درجي جا امتحان هلڻ سبب شاگرد ڏکيائين جو شڪار آهن
سيپڪو نوشهروفيروز جي ايس ڊي او اسد ميمڻ جو چوڻ آهي ته بجلي بحالي ۾ اڃا ھڪ ڏينھن لڳي سگھي ٿو.