نوشهرو فيروز : ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ لاءِ اميدوارن کان رشوت، وڊيو وائرل

جُون 29, 2025

نوشهروفيروز ( پنهنجي ڊيسڪ )  تعليم کاتي ۾ اميدوارن کي آفر آرڊر ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، سول اسپتال مان ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ لاءِ اميدوارن کان سرعام رشوت وصول ڪئي پئي وڃي، وڊيو وائرل ٿي وئي،  في اميدوار کان ٻه ھزار روپيا اوڳاڙي وڊيو ۾ سرعام رشوت وٺندي عملي کي ڏسي سگھجي ٿو، رشوت ڏيندڙ اميدوارن کان ڪابه فارملٽي نه ٿي ورتي وڃي، رشوت نه ڏيندڙ اميدوارن لاءِ اسپتال جو دروازه بند ڪيا ويا آهن.

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل