نوشهروفيروز ( رپورٽر) نوشهروفيروز پوليس تي رڪشا ڊرائيور کي گم ڪرڻ جو الزام، شهري اتحاد طرفان احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن چيو آهي ته پورهيت کي آزاد نه ڪيو ويو ته تحريڪ هلائينداسين
ڳوٺ حسين بخش کوسي جي رھواسي رڪشا هلائيندڙ پوڙھو کوسو کي پوليس ٿاڻي تي گھرائي غائب ڪري ڇڏيو آھي جنهن خلاف شھري ايڪشن ڪاميٽي ۽ مائٽن پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو
ان موقعي تي شھرين احسان کوسو، نويد راڄپر، رياض مھر، عجيب رند ۽ ٻين چيو ته نوشهروفيروز ٿاڻي جا اھلڪار نيڪ محمد چانڊيو ۽ پرويز مشوري پورھيت کي اھو چئي گھران وٺي ويا ته توکي ايس ايڇ او گھرايو آھي. ھنن چيو ته اھلڪار پورھيت کي ٿاڻي تي وٺي ويا ۽ پوءِ کيس غائب ڪري ڇڏيو
اڳواڻن چيو ته پورھيت سينل انتھائي غريب آھي ۽ رڪشا ھلائي گذر سفر ڪندو آھي ۽ ڪنھن بہ ڏوھ ۾ گھربل ناھي ان باوجود پوليس کيس غائب ڪيو آهي جنهن کي فوري آزاد ڪيو وڃي