نوشهرو فيروز ۾ بازياب ٿيل جوابدار عدالت مان فرار: ايس ايچ او معطل

جُون 20, 2023

نوشھرو فيروز (رپورٽ: زاهد راڄپر) نوشهرو فيروز ۾ اي ايس آءِ جي اوطاق تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرايل جوابدار عدالت ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد فرار ٿي ويو

گذريل ڏينهن اي ايس آءِ جي اوطاق تي عدالتي ڇاپو هڻي 6 باندي بازياب ڪرايا ويا هئا،  ايس ايچ او جي نگرانيءَ ۾ نجي ٽارچر هلڻ تي عدالت ايس ايچ او راجا نويد سرفراز سميت سڄي پوليس پارٽي تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت پوليس پارٽي مٿان 50 هزار ڏنڊ به لڳايو، ۽ ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد کي حڪم ڏنو ته ايس ايچ او کي ترت معطل ڪري رپورٽ عدالت کي موڪلي وڃي

عدالت ڇاپي ۾ بازياب ٿيل نويد ڪلھوڙو مٿان مختلف ڏوھن جا ڪيس ھجڻ سبب ان جي ضمانت رد ڪري ڇڏي

فريادي طالب حسين جي وڪيل لا لا ايم حسن جي دليلن بعد جوابدار جي ضمانت رد ڪئي وئي، جنھن بعد جوابدار عدالت مان فرار ٿي ويو،  پوليس سندس پويان ويل آھي

Leave A Comment