نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز ۾ پيءُ پاران ڌيءُ سان مبينا زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس پٽ پنهنجي والد تي داخل ڪيو
ڳوٺ قاسم کاهي واسي جنيد سولنگي الزام هڻندي چيو ته اصغر سولنگي پنهنجي گهر اندر 13 ورهين جي ڌيءُ سان مبينا زيادتي ڪئي
هن چيو ته منهنجي ڀيڻ ٻن ڏينهن تائين گهر اندر تڙپندي رهي، ظالم چاچن ۽ پيءُ علاج به نه ڪرايو، پيءُ تمام غلط ڪيو، انصاف ڪيو وڃي
هوڏانهن نياڻي جي ڀاءُ جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪري نياڻي کي ڀرياسٽي اسپتال مان ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏنو ويو آھي، ايس ايچ او منير لغاري چيو ته وڌيڪ جاچ جاري آھي
ذريعن موجب جوابدار اصغر سولنگي کي ڀرياسٽي پوليس گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي