نوشهرو فيروز ۾ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس گالا پڄاڻيءَ تي پهتو

نوشهرو فيروز ۾ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس گالا پڄاڻيءَ تي پهتو

نوشهرو فيروز(رپورٽر) اسپورٽس ڊپارٽمينٽ نوشهرو فيروز پاران ڊسٽرڪٽ اسپورٽس گالا پڄاڻي تي پهتو، اختتامي تقريب گورنمينٽ مدرسه ۽ ھاءِ نوشهرو فيروز جي گرائونڊ تي منعقد ڪئي وئي، جتي سنڌ جون ثقافتي ۽ روايتي رانديون ملھ ، ڪٻٽي ، والي بال ۽ ٽيبل ٽينس جا مقابلا ڪرايا ويا. جنھن جو مھمان خاص پيپلز پارٽيءَ اڳواڻ نبي بخش لاکو ھو جڏھن ته اسپورٽس آفيسر شھباز خان عباسي ، ايڊووڪيٽ معين ڀٽي ، راڻا محمد واجد ، سھيل احمد لاشاري ، عبدالمجيد خانزاده ، جمشيد راڄپر ، محمد يونس راڄپر ، ايم ظفر تڳر ، ياسر علي ۽ مختيار علي رند شامل ھئا. ان موقعي تي  اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي مهمان خاص چيو تہ نوجوانن لاءِ نصابي سرگرمين سان گڏوگڏ راندين جون سرگرميون تمام ضروري آھن ڇاڪاڻ تہ راندين جي ڪري انسان صحتمند رھي ٿو ۽ صحتمند انسان ئي سٺي تعليم حاصل ڪري معاشري جو ڪارآمد شھري بڻجي سگهي ٿو .ان ڪري اسان کي راندين جي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ گھرجي تہ جيئن نوجوان مثبت سرگرمين طرف راغب ٿي سگھن ھن چيو تہ راندين سان ئي منفي رجحان روڪي سگھجي ٿو . ھن وڌيڪ چيو تہ جنھن شھر ۽ ملڪ جي راندين جا ميدان آباد ھوندا انھن جون اسپتالون ويران ھونديون. ھن چيو تہ ملھ ۽ ڪٻٽي سنڌ جون ثقافتي رانديون آھن جيڪي ختم ٿينديون پيون وڃن ان لاءِ ضروري آهي تہ قومي ۽ عالمي راندين سان گڏو گڏ ھنن راندين کي پڻ فروغ ڏيون تہ جيئن اھي ثقافتي رانديون بچي سگھن . ھن چيو تہ راندين وارو کاتو ضلعي ۾ سٺو ڪم ڪري رھيو آھي پر ان کي وڌيڪ بھتر ۽ تيز ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي  ان موقعي تي مقابلا کٽيندڙ ۽ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن رانديگرن کي ٽرافي ۽ انعام ڏنا ويا