| نوشهري فيروز، ڪنڊياري، موري، ڀريا ۽ محرابپور ۾ ايڪتا جا رنگ: سنڌ کي ڀيٽا پيش |
نوشهرو فيروز(رپورٽ: شبير اڄڻ ۽ مختيار سهتو) نوشهري فيروز ۾ايڪتا جا انڊلٺي رنگ اڀري آيا، پريس ڪلب ۾ ٿيل تقريب ۾ سياسي ،سماجي اڳواڻ، اديب، استاد، شاگرد ٽوپيون، پٽڪا ۽ اجرڪ اوڍي ريلين جي صورت ۾ پھتا، جتي سنڌ جي مشهور فنڪارن استاد رضا حسين وسطڙو ،اعجاز خاصخيلي، صداقت وسطڙو ۽ ٻين قومي گيت پيش ڪري مهمانن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اڄوڪو ڏينهن عيد کان گهٽ ناهي، جنهن جو سهرو پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضي کي وڃي ٿو، ايڪتا ڏهاڙي تي ڪتابي ميلو پڻ لڳايو ويو. اٺن جي شوقينن وري پنهنجا اٺ سينگاري اٺن جي ريلي ڪڍي جهمريون هنيون، هوڏانهن ماسٽر چندر چوڪ تي اٺن، گھوڙن ۽ ڏاندن جي ڊوڙ ڪرائي وئي، ٻئي طرف موري ۾ ايڪتا جا انڊلٺي رنگ اڀري آيا، پريس ڪلب ۾ ٿيل تقريب ۾ جسقم، جسم، ايس ٽي پي، ايس يو پي، قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ، عوامي ورڪرز پارٽي، سنڌ سڀا، مزدور يونين، شاگرد تحريڪ جا ڪارڪن ريليون ڪڍي پهتا، هوڏانهن ڪنڊيارو، پڊعيدن، نوان جتوئي،ڦل، ڀريا سٽي، ڀريا روڊ، خانواهڻ، لاکاروڊ،مٺياڻي، درياءَ خان مري، ٺارو شاهه ۾ ايڪتا جون ريليون نڪتيون ٻئي طرف محرابپور ۾ ايڪتا عيد تي ثقافتي رنگ نکري پيا، ننڍا، وڏا، پوڙها توڙي پڪا، قومي لباس پهري رستن تي نڪري آيا، جسقم ۽ ايس يو پي پاران ضمير ميمڻ ۽ سرواڻ جوکيو جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي محفل موسيقي پڻ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي سريلي راڳي فقير برڪت علي سمون قومي گيت ڳائي محفل ۾ ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو.