نوشهري فيروز ۽ سانگهڙ ۾ 3 مڪاني تڪن تي ننڍي چونڊ: پ پ اميدوار ڪامياب: جشن

نوشهري فيروز ۽ سانگهڙ ۾ 3 مڪاني تڪن تي ننڍي چونڊ: پ پ اميدوار ڪامياب: جشن

نوشهروفيروز/ڪمال ديرو/شاهپورچاڪر (نمائندن وٽان) نوشهري فيروز ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ مڪاني ادارن جي 3 سيٽن تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار ڪامياب: جشن، ان ڏس ۾  نوشهرو فيروز ضلعي ڪائونسل جي يوسي مولهڻ واري سيٽ تي  ٿيل ننڍي چونڊ ۾ غيرحتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلزپارٽي جي اميدوار روشن علي وسطڙو 2514 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته آزاد اميدوارعبدالقدير وسطڙو کي 1494 ووٽ مليا ياد رهي ته اڳوڻي ضلع ڪائونسلر اورنگزيب صفير وسطڙو کي سرڪاري نوڪري ملڻ کانپوء سيٽ خالي ٿي هئي، ساڳئي ريت يوسي شهمير ديرو واري  ضلعي ڪائونسلر جي خالي ٿيل سيٽ تي  پ پ اميدوار حاڪم ڪلهوڙو 1202 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، سندس مخالف  آزاد اميدوار بدرالدين ملاح 575 ووٽ کڻي هارائي ويو، يوسي  شهمير ديرو ۾  ووٽرن جو ڪل تعداد 10355 آهي، گرمي سبب رڳو 17 سئو ووٽرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو، هوڏانهن شاهپورچاڪرٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 7 جي ڪائونسلر آصف خان پٺاڻ جي وفات بعد خالي ٿيل سيٽ تي    پ پ  اميدوار طلحه پٺاڻ 1575 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته آزاد اميدوار وڏيري اسد پٺاڻ کي رڳو 32 ووٽ مليا، هوڏانهن پ پ اميدوارن جي ڪاميابي تي جشن ملهايا ويا، ڪارڪنن جلوس ڪڍي  مٺايون پڻ ورهايون
 

دادو ۽ سيوهڻ ۾ پ پ اميدوار ڪامياب، ميرواهه گورچاڻي ۾ آزاد اميدوار کٽي ويو
 

دادو/سيوهڻ/ميرواهه گورچاڻي(نمائندن وٽان) دادو ۽ سيوهڻ ۾  ننڍي چونڊ  تي پ  پ حمايتي اميدوار ڪامياب ٿي ويا،  جڏهن  ته ميرواهه گورچاڻي ۾ آزاد اميدروار  ڪاميابي ماڻي، پ پ اميدوار کي شڪست ملي، خيرپورناٿن شاه يونين ڪائونسل ٻرڙا تي مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر تي چونڊ ۾ ٻن اميدوارن حصو ورتو پيپلزپارٽي جي ضلعي ميمبر جو اميدوار امجد خان ٻرڙو ۽ جي ڊي اي جو ضلعي ڪائونسل جو اميدوار ذولفقار علي کونهارو ۾ مقابلو ٿيو، پيپلزپارٽي پارٽي جي اميدوار امجد خان ٻرڙو 1948 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته جي ڊي اي جي اميدوار ذولفقار علي کونهارو صرف 352 ووٽ کڻي سگهيو، ميرواھ گورچاڻي ضڌگورچاڻي ضمني مڪاني حتمي چونڊ نتيجا،آزاد اميدوار ڪامياب، پاڪستان پيپلزپارٽي اميدوار هارائي ويا. ٽائون ڪميٽي ميرواھ گورچاڻي جي وارڊ نمبر 7 تي حتمي نتيجن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان حمايت يافته آزاد اميدوار  بشير احمد راجپوت  575 ووٽ کڻي ڪامياب جڏهن ته پيپلزپارٽي اميدوار  رائو محمد علي راجپوت 250 ووٽ کڻي هارائي ويو. ٻي پاسي وارڊ نمبر چار تي آزاد اميدوار برڪت علي سمون 557 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي اميدوار جمن سومرو 361 ووٽ کڻي هارائي ويو، سيوھڻ تعلقي ۾ يونين ڪائونسل چنا تي مڪاني اداري جي وائيس چيئرمين جي خالي پيل سيٽ تي ڪالھ ننڍي چونڊ ٿي گذري, ووٽن جي ڳڻپ بعد چونڊ جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلزپارٽي جي اميدوار جاويد علي اوٺو سڀ کان وڌيڪ 2298 ووٽ کڻي وائيس چئرمين جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي, پي ٽي آئي جي حمايت يافته آزاد اميدوار شاهد اوٺو 893 ووٽ کڻي سگهيو
 

پنوعاقل ۾ غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا: جي يو آءِ اميدوار ڪامياب
 

پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي يوسي ننداپور جي وارڊ نمبر 3 تي ٻيهر چونڊ، غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب جي يو آءِ جو اميدوار 625 ووٽ کڻي ڪامياب، جڏهن ته پي ٽي آءِ  جو آزاد اميدوار عبدالغفار ڪلوڙ 144 ووٽ کڻي سگهيو، ان ڏس ۾ پنوعاقل جي يوسي ننداپور جي وارڊ نمبر 3 تي پيپلزپارٽي جي ڪائونسلر جي فوت ٿيڻ بعد ٻيهر چونڊ ٿي چونڊ ۾ جي يو آءِ جي اميدوار اسرار ڪلوڙ ۽ پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوار عبدالغفار ڪلوڙ وچ ۾ مقابلو ٿيو، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي اميدوار جو فارم رد ٿيڻ سبب پارٽي جو ڪو به اميدوار ميدان ۾ نه اچي سگهيو،يوسي ننداپور جي وارڊ نمبر 3 ۾ ٽي پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون جتي 3958 عورتن ۽ مردن جا ووٽ رجسٽرڊ هئا ٽنهي پولنگ اسٽيشنن تي ٽرن آئوٽ انتهائي گهٽ رهيو، غير سرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب جي يو آءِ جو اميدوار 625 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته آزاد اميدوار عبدالغفار ڪلوڙ صرف 144 ووٽ حاصل ڪري سگهيو،