نوشهري فيروز ۽ ٻولهاڙي ۾ 2 نوان انڊسٽريل زون قائم ڪرڻ جو اعلان

نومبر 2, 2023

ڪراچي (رپورٽ : فقيرسليم) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته صوبائي حڪومت ڪراچي  مان اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڪچي مان  ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ پنهنجا سڀئي وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، انهي حوالي سان فول پروف حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، مون کي يقين آهي ته اسان جديد طريقن سان ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين

 ڪالهه نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي سربراهه ميجر جنرل رضا عزيز جي سربراهي ۾ اين ڊي يو جي 25هين سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان 20  ڪروڙن کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ آهي، سال2025ع تائين اسان وٽ وچولو طبقو (مڊل ڪلاس ) 100 ملين ( 10 ڪروڙ) تي پهچي ويندو، جنهن بعد پاڪستان دنيا جو 10 هون وڏو مڊل ڪلاسي ملڪ بڻجي ويندو

وڏي وزير چيو ته اسان ايندڙ وقت ۾ نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ، تعليم، صحت  ۽ ٽرانسپورٽ تائين پهچ، ڪاسموپوليٽن سٽي ڪراچي ۾ پورهيت عورتن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، زرعي شين جي مارڪيٽ تائين رسائي توڙي ٻهراڙين ۽ شهري علائقن وچ ۾ فرق ختم ڪرڻ ڪاءِ جاکوڙيون پيا، اسان هڪ لک نوجوانن کي روزگار مهيا ڪرڻ لاءِ  سي پيڪ تحت ڌاٻيجي اسپيشل زون  تي ڪم ڪري رهيا آهيون

 هن ٻڌايو ته  وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جي سفارش تي نوشهروفيروز انڊسٽريل پارڪ ۽ ٻولهاڙي ۾ خانگي شعبي جي سهڪار سان صنعتي زون جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ساڳئي ريت 20 کان وڌيڪ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ لاءِ 8921 ايڪڙن تي ايجوڪيشن سٽي قائم ڪيو آهي

 هن چيو ته اسان هڪ ڪاروباري رجسٽريشن پورٽل پڻ ٺاهيو آهي ته جيئن واپاري طبقو پنهنجو ڪاروبار آن لائين رجسٽر ڪرائي سگهي، اسان ليبر کاتي ۾ رجسٽريشن في پڻ معاف ڪري ڇڏي آهي

Leave A Comment