| نوشهري فيروز ۾ ڪچهري: ڀاڻ من پسندن کي ڏيڻ، استادن جي کوٽ ۽ گندگي جو دانهون |
نوشهرو فيروز (رپورٽ: مختيار سهتو) سنڌ جي ماحوليات بابت صلاحڪار دوست علي راھمون آڏو شهرين شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا: ڊي سي ۽ ايس پي پاران آسرا ڪالهه هتي ڊي سي آفيس ۾ رٿيل کليل ڪچهري ۾ سعيد سولنگي ،احسان ٽڳڙ ،احسان چانڊيو، ربنواز شر، عبدالجبار، خالد مبيجو ۽ ٻين چيو ته ضلعي جي 5 تعلقن ۾ مختيارڪارن ننڍن زميندارن ۽ هارين بجاءِ من پسندن کي ڪڻڪ جي پوکي لاءِ 22 هزار في ايڪڙ جو ڀاڻ پيڪيج ڏنو آهي ، اسان کان تپيدارن رشوت طلب ڪئي، خرچي نه ڪرائڻ تي اسان جا نالا ڪاٽي من پسندن کي نوازيو ويو، جنهن تي ڊي سي شڪايت ڪندڙن کي سندس آفيس اچي لکت ۾ شڪايتون جمع ڪرائڻ جي آڇ ڪئي، شهرين ڊي سي مٿان تنقيد ڪندي چيو ته ڊي سي پنهنجي آفيس ۾ ويهڻ لاءِ تيار ناهي ، موٽ ۾ ڊي سي چيو ته منهنجي آفيس جو مرمتي ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، شهري منهنجي آفيس پهچي لکت ۾ شڪايت ڏين، جنهن تي قدم کنيو ويندو، شهرين ضلعي بدامني بابت دانهيندي چيو ته پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن،ايستائين جو پ پ ايم اين اي ذوالفقار بهڻ محفوظ ناهي، پوليس پنهنجي شهيد ٿيل 2 پوليس اهلڪارن جا قاتل به گرفتار ڪري ناهي سگهي، کليل ڪچهري ۾صفائي سٿرائي ۽ ڊرينيج جي ناقص نظام جون شڪايتون ڪندي چيو ويو ته صفائي نه ٿيڻ ڪري مختلف وبائي بيماريون ڦهلجي رهيو آهن، مڪاني ادارن جا سربراهه ڪو قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهن، ڪچهري ۾ شهرين استادن جي کوٽ بابت دانهيندي چيو ته استاد رٽائر يا فوت ٿيڻ کانپوءِ نيون مقرريون نه ٿيڻ ڪري ڪيترا اسڪول بند ٿي چڪا آهن، تعليم کاتي جا ضلعي آفيسر وري بيوسي پيا ڏيکارين، صوبائي صلاحڪار دوست علي راهمون چيو ته مون ضلعي آفيسرن کي پابند ڪيو آهي ته اهي عوامي شڪايتن کي ترت حل ڪري بيچيني ختم ڪن، ڪجهه مسئلا صوبائي ليول جا آهن، جيڪي لاڳاپيل کاتن کان پهچايا ويندا.