نوشڪي ۾ فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملو: 3 اهلڪارن سوڌو 5 ڄڻا شهيد: دهشتگردي معاملي تي سڀاڻي قومي سلامتي اجلاس طلب

مارچ 17, 2025

نوشڪي/اسلام آباد(م ڊ) نوشڪي ۾ ايف سي جي قافلي تي آپگهاتي حملي ۾ 3 اهلڪارن سميت 5 ڄڻا شهيد، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته بي ايل اي جي دهشتگردن صبح جي وقت ايف سي ڪانواءِ تي بارودي ڌماڪو ۽ آپگهاتي حملو ڪيو، سڪيورٽي فورسز حملو ڪندڙ دهشتگردن خلاف فوري طور جوابي ڪارروائي ڪئي، آپگهاتي بمبار سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا، سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو ويو، هوڏانهن آءِ ايس پي آر موجب نوشڪي ۾ فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملو ڪيو ويو جنهن م 3 جوان ۽ 2 معصوم شهري شهيد ٿيا، حملي ۾ حوالدار منظور علي، حوالدار علي بلاول، نائيڪ عبدالرحيم شهيد ٿيو، جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر پاران چيو ويو ته بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون، بهادر سپاهين ۽ شهرين جون قربانيون عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون، صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي پاران حملي جي مذمت ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ان قسم جون بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردن خلاف اسان جي عزم کي ٽوڙي نٿيون سگهن، گهرو وزير چيو ته معصوم ماڻهن کي نشانو بڻاڻو وحشت جي انتها آهي، وزيراعليٰ سرفراز بگٽي چيو ته صوبي جي امن سان کيڏندڙن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائينداسين، دهشتگردن کي ڪٿي به پناهه نه ملندي، صوبي ۾ هر قيمت تي امن قائم ڪنداسين.

اسلام آباد: حڪومت ملڪ ۾ وڌندڙ دهشتگردي کي نظر ۾ رکندي قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس سڀاڻي گهرائي ورتو آهي،  پارلياماني قومي سلامتي ڪاميٽي جو ان ڪئمرا اجلاس 8 مارچ اڱاري تي ٿيندو،  اجلاس جي صدارت اسپيڪر اياز صادق ڪندو، وزيراعظم شهباز شريف، اعليٰ عسڪري قيادت ۽ انٽيليجنس ادارن جا سربراهه به شرڪت ڪندا، اجلاس کي اعليٰ عسڪري قيادت ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ سببن تي بريفنگ ڏيندي. وزيراعظم جي ايڊوائز تي اسپيڪر پاران قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي

 

Leave A Comment