نوشھروفيروز: تعليم کاتي اميدوارن جا فائل اڇلائي ڇڏيا 

نوشھروفيروز: تعليم کاتي اميدوارن جا فائل اڇلائي ڇڏيا 

نوشھروفيروز/مورو(نمائندن وٽان) تعليم کاتي نوشھروفيروز ۾ سرڪاري نوڪري لاءِ اپلائي ڪندڙ اميدوارن جا ڊاڪيومينٽس ٻورو ڀري رڪشا ۾کڻي مٺياڻي روڊ تي اڇلايا ويا آھن، اھڙو اطلاع ملڻ تي نوجوان پھچي ڊاڪيومينٽ چيڪ ڪيا فائلن ۾ اوريجنل ڪاغذ ڊگريون پڻ موجود آھن. اميدوارن جو چوڻ آھي ته آفيسرن اسان جا ڪاغذ ۽ ڊگريون ٻوري ۾ بند ڪري ردي ڪري اڇلائي ڇڏيا آھن. نوجوانن جو چوڻ آھي ته ھتي ميرٽ جي لتاڙ  ڪئي وئي آھي، انهي مامري جي جاچ ڪرائي وڃي.