نون ججن جي مقرري بابت سمري منظور نه ٿي: قانون واري وزارت کان رپورٽ طلب: اٽارني جنرل معاون مقرر

نون ججن جي مقرري بابت سمري منظور نه ٿي: قانون واري وزارت کان رپورٽ طلب: اٽارني جنرل معاون مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نون ججن جي مقرري بابت موڪليل سمري منظور نه ٿيڻ خلاف درخواست تي وزارتِ قانون کان رپورٽ طلب ڪندي اٽارني جنرل کي عدالتي معاون طور طلب ڪري ورتو آهي. عدالت درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي اڄ ڪندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جي ٻڌڻي جسٽس ارباب محمد طاهر ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس ارباب محمد طاهر وفاقي حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايڊيشنل اٽارني جنرل کي مخاطب ڪندي چيو ته ائين لڳي ٿو ڄڻ وفاقي حڪومت کي هن معاملي ۾ ڪا دلچسپي ئي ناهي. جسٽس ارباب محمد طاهر چيو ته اسان سمجهيو هو ته وفاقي حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪندي، پر ائين نه ٿيو. سمري هن وقت ڪهڙي مرحلي تي آهي، اوهان کي اهو به معلوم ناهي. اعليٰ عدليه جي ججن جي مقرري سان آخر ڇا ٿي رهيو آهي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته سنڌ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽن جي ججن جي مستقلي بابت جوڊيشل ڪميشن منظوري ڏئي چڪي هئي، پر اها سمري به رڪيل آهي. سمري رکي ويهي نٿو سگهجي. اڳ ۾ 15 ڏينهن پورا نه ٿيا هئا، هاڻي ته 18 ڏينهن گذري چڪا آهن. درخواستگذار جي وڪيل زاهد آصف چوڌري موقف اختيار ڪيو ته آئين بلڪل واضح آهي ته مقرر وقت گذري وڃڻ کان پوءِ ڇا ڪرڻو آهي، صدر مملڪت سمري کي اهڙي طرح روڪي نٿو سگهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل راشد حفيظ چيو ته صدر سمري رد به نٿو ڪري سگهي. عدالت ڌرين کان پيرا وائس ڪمنٽس طلب ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. بعد ۾ جاري ڪيل تحريري حڪم نامي ۾ عدالت وفاق ۽ وزارتِ قانون کان سڀاڻي تائين تحريري رپورٽ طلب ڪري ورتي، جڏهن ته اٽارني جنرل منصور عثمان اعوان کي عدالتي معاون طور طلب ڪيو ويو. جسٽس ارباب محمد طاهر حڪم نامي ۾ هدايت ڪئي ته رپورٽ ۾ ٻڌايو وڃي ته وزيراعظم ڪهڙي تاريخ تي صدر مملڪت ڏانهن سمري اماڻي، ان کان پوءِ سمري تي ڪا ڪارروائي ٿي ته ان جا تفصيل به فراهم ڪيا وڃن، جڏهن ته ججن جي مقرري واري سمري غيرمعيّن مدت تائين التوا ۾ رهڻ جي قانوني نتيجن بابت به عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڄ ٿيندي.