نون صوبن بابت بلاول جي موقف جي حمايت ڪريان ٿو: حافظ نعيم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته هو نون صوبن جي حوالي سان  پ پ چيرمين  بلاول ڀٽو جي موقف جي حمايت ڪري ٿو، جنهن ۾ بلاول چيو آهي ته نوان صوبا آئين تحت  ۽ عوامي راءِ سان ئي ٺاھيا وڃن،  ڪالهه  پريس ڪانفرنس ھوندي ھن چيو ته تيل جي في لٽر 130 رپيا في لٽر ٽيڪس وصولي خلاف 16 آگسٽ تي سمورن صوبن جي گورنر ھائوسز ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ ھائوس آڏو ڌرڻا ھنيا ويندا،  ھن چيو ته پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي جو دفاعي معاھدو مسلم دنيا جي اتحاد ڏانهن قدم آھي، آھستي آھستي  سڀني اسلامي ملڪن جو اھڙو نظام جڙندو،  جو سمورا اسلامي ملڪ پنهنجو دفاع پاڻ ڪن، هن چيو ته  اهو اتحاد دفاع کان وڌي معاشي ۽ واپاري سطح  تي به ٿيڻ گھرجي