نون صوبن بابت توهان جي ڇا راءِ آهي؟ سائبر ڪرائيم جي عملدارن جو سوال …. نوان صوبا ٺاهڻ بدران مڪاني ادارن کي بااختيار ڪريو: اياز لطيف جو جواب

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو هزارين ماڻهن جي ريلي سان گلستان جوهر ۾ واقع اين سي سي آءِ اي ( سائبر ڪرائيم) آفيس پهتو، ريلي ۾ عورتون به وڏي انگ ۾ شريڪ هيون، ڪارڪن سنڌ ورهائيندين، پادر کائيندين جا نعرا هڻندا رهيا، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. اياز لطيف پليجو ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ، اسد شر ۽ ٻين وڪيلن سان گڏ اين سي سي آءِ اي جي ٽيم آڏو پيش ٿيو، پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجو چيو ته اين سي سي آءِ اي وارن کان پهريائين مون سوال پڇيا ته هي ادارو ڪڏهن ٺهيو؟ ڪيئن ڪم ڪري پيو؟ اتي هڪ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ 4 انسپيڪٽر هئا، انهن جو رويو مثبت ۽ احترام وارو هو، مون ڳالهه رکي ته اڳ ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجو، عطاءَ الله مينگل جهڙا اڳواڻ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا هئا ۽ اهو انهن جو جمهوري حق هو. آئون ۽ منهنجا دوست عامر نواز وڙائچ، اسد شر، مظهر راهوجو وڪيل آهيون، آئين جا محافظ آهيون، آئين اسان کي پنهنجو موقف توڙي راءِ پيش ڪرڻ جي آزادي ڏئي ٿو، رڪاوٽ صرف ايتري آهي جو تشدد جي سپورٽ نه ڪرڻ کپي، سنڌ جا ماڻهو پرامن آهن، اهي تشدد جي ڳالهه نٿا ڪن، چون ٿا ته هي شيءَ اسان جي آهي ته اسان جي هجڻ گهرجي، جيڪا شيءَ بلوچستان، پنجاب ۽ ڪي پي جي ڀائرن جي آهي، اها انهن جي ئي هجڻ گهرجي، سنڌ جا ماڻهو نٿا چاهين ته ٻئي جي شيءَ اسان کي ڏيو ۽ اهو به نٿا چون ته اسان جي شيءَ ٻين کي ڏيو. هڪڙو سوال مون کان پڇيائون ته نون صوبن بابت توهان جي ڇا راءِ آهي؟ جنهن تي مون ٻڌايو ته 4 صوبا اسان کان سنڀالي نٿا سگهجن، مون سنڌ جي ٻن ٽن ضلعن جا مثال ڏنا، جن جون سرحدون ٻين صوبن سان لڳن ٿيون، اتان جون وڏيون شخصيتون ڪانواءِ کانسواءِ ڳوٺ نه ٿيون وڃي سگهن. ڇا توهان اهڙا صوبا ٺاهي مختلف ماڻهن کي ڏئي ڇڏيندو، جتي توهان جي رٽ ئي نه هلي، هينئر وڏا صوبا آهن، هڪ پورشن ۾ رٽ ناهي، ٻئي ۾ رٽ ناهي پر ڪوئيٽا، پشاور. ڪراچي ۽ لاهور ۾ مرڪزي ادارا موجود آهن. فرض ڪريو، جيڪب آباد کي صوبو ٺاهيو ۽ سڀاڻي اتي اوهان جي رٽ ئي نه هجي، آئين ۾ ترميم ڪري ضلعن، ٽائون  ۽ يوسيز کي خودمختيار ڪيو وڃي، ٿرڊ ٽيئر ۾ جتي مهاجر، پشتون ۽ پنجابي رهن ٿا، انهن کي بجيٽ ملي، ايئن نه ٿئي ته گهر ۾ هڪ نياڻي کي 2 ٻوٽيون ملن ته چوي گهر الڳ ڪري ڏيو، اهو يقيني بڻايو ته سڀني کي 3 ٻوٽيون ملن ٿيون ته ان کي به 3 ٻوٽيون ملن. اياز لطيف پليجو چيو ته ملڪ صوبن ٺاهيو، ملڪ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته صوبن ۾ افراتفري نه هجي، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ڪشمير ۾ مسئلا آهن، سنڌ کي مسئلن طرف نه ڌڪيو، سنڌ کي اهڙي طرح هلايو ته سنڌ جا ماڻهو فخريه انداز ۾ چون ته  ملڪ لاءِ ڪجهه ڪنداسين، انهن جا هٿ مٿي تي نه هجن ته اسان جو پاڻي ويو، زمين وئي، وسيلا ويا، سنڌ جا ماڻهو تشدد جي خلاف آهن، سنڌ ۾ رهندڙ مهاجر، پنجابي ۽ پشتون پرامن آهن، سنڌ جي ماڻهن کي ديوار سان نه لڳايو، ميرٽ تباهه ڪئي وئي آهي. اياز لطيف پليجو چيو ته اين سي سي آءِ اي وارا منهنجون ڳالهيون ٻڌندا رهيا. اين سي سي آئي اي وارن چيو ته هڪ انڪوائري جي سلسلي ۾ سوالنامو موڪلڻو آهي، انهن مان پوسٽل ايڊريس گهري. مون چيو ته ڪهڙي تقرير تي سوال ڪرڻا آهن؟ آئون ته 40 سالن کان تقريرون ڪندو اچان ٿو، جنهن تقرير جي ڳالهه ٿا ڪريو، ان بابت ٻڌايو ته جواب ڏيان. اين سي سي آئي اي وارن چيو ته اوهان جنرل جواب ڏجو، تقرير جي تاريخ ٻڌائي ڇڏينداسين نه ٻڌايون ته پڇي وٺجو. اياز لطيف پليجو چيو ته آئون وڪيل آهيان، جواب وٺڻ ۽ جواب ڏيڻ منهنجو ڪم آهي. اياز لطيف پليجو چيو ته ماڻهن کان ذاتي زندگي بابت سوال ٿيندا آهن، گهر، گاڏي ۽ پلاٽ بابت سوال ٿيندا آهن، مون کان سنڌ طرفان سوال ٿيا، اهو منهنجي لاءِ اعزاز آهي. هن چيو ته منهنجو دامن صاف آهي، سڀ احترام سان ڳالهائيندا آهن. هن چيو ته سنڌ جو ڳاٽ اوچو هوندو، زمينون آباد هونديون، ميرٽ هوندي ته پاڪستان ترقي ڪندو، سنڌ هزارين سالن کان وطن آهي، پاڪستان جي باني سنڌآهي، سنڌ ۾ اهڙو ايڊوينچر نه ڪريو جو حالتون خراب ٿين، ميرٽ ناهي، ماڻهو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن آڏو به ويٺا آهن، ماڻهو تنگ آهن، رستن تي اچن، اوڀر پاڪستان الڳ ٿي ويو، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ آزاد ڪشمير ۾ حالتون خراب آهن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪا اهڙي ايڊوينچر نه ڪريو جو ماڻهو رستن تي اچن، ماڻهن کي جيئن ڏيو، رول آف لا تي هلو. هوڏانهن ريلي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجو چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان منگلا ۽ تربيلا جو پاڻي انصاف سان تقسيم ڪريو ها ته ماڻهو اعتماد ڪن هئا، تونسا ۽ پنجند ڪينال غيرقانوني طور لت هڻي نه وهايو ها ته ماڻهو توهان تي اعتماد ڪن هئا، اسان توهان جا هم وطن آهيون، اسان کي عام پنجابين سان پيار آهي. توهان کي اسان جو سمنڊ، اسان جو پيٽرول کپي ٿو، ان ڪري ڀائر آهيون؟ اسان ته اوهان جا هونئن ئي ڀائر آهيون، توهان کان اسان کي ڪجهه به نٿو ملي، اسان وٽ پنهنجو سمنڊ، پنهنجو پاڻي ۽ پنهنجي زمين آهي. هن چيو ته ڪراچي کي ٺاهڻ وارا سنڌي آهن، اوهان ڪالهه آيا آهيو، ويزا ملندي ته اڏري ويندو. توهان جي ڊانس تي شڪ آهي. هن چيو ته چئون ٿا ته سنڌ اسان جي آهي ته ڪاوڙجي ٿا پون، ڀلي نوٽيس موڪليو اسان وٽ دليلن جا انبار آهن