| نون صوبن بدران مڪاني نظام کي مضبوط ڪريو: مرتضيٰ جتوئي |
نوشهرو فيروز(رپورٽر) نيشنل پيپلزپارٽي جي سربراه غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته حڪومت جي ڪوشش آھي ته اسان عدالتن ۾ ھجون، حڪمران کي هر شيءِ پنهنجي مرضي جي کپي، پارليامينٽ، عدليه، ميڊيا ۽ وڪيلن جي تنظيم سڀ مرضي جا کپن، جسٽس جهانگيري جي ڊگري صحيح آھي يا غلط؟ آئون چئي نٿو سگهان پر مونکي ڊگري لاءِ سپريم ڪورٽ تائين وڃڻو پيو هو، ڪالهه هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان پنجاب توڙي ڪراچي، حيدرآباد ،سکر ۾ مقبول ترين شخصيت آھي، اهي عمران خان کي گهڻي وقت تائين دٻائي نه ٿا سگهن. عمران خان جا پٽ آيا ته کين عمران خان سان ملاقات ڪرڻ ڏيندا، هن چيو ته ملڪي مسئلن جو واحد حل آزاد ۽ انصاف ڀريون چونڊون آهي، هن چيو ته حڪومت مخالف اتحاد انهي ڪري منظم ناهي ته فيصلا اليڪشن کان اڳ ئي ٿي وڃن ٿا ته ڪنهن کي کٽرائڻو آھي؟ هن چيو ته آبادگارن کي جنسن جا اگهه نه پيا ملن، سنڌ ۾ 17 يا 18 شگر ملون هڪ ڌر جون آھن، ڪمند جي اگهه جو تعين اهي ئي ڪندا آهن، هن چيو ته مشرف دور جو مڪاني نظام بهترين هو، هن چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ بدران مڪاني نظام کي مضبوط ڪيو وڃي. صوبا پئسا کائي ٿا وڃن ، انهي ڪري صوبن بدران پيسا مڪاني ادارن کي ڏنا وڃن