نون صوبن جو راڳ، شھري سنڌ ۽ ٻھراڙيءَ جو ورجاءُ ….امان الله جوکيو

                  سنڌ  انھن قوتن سان مھاڏو اٽڪايو بيٺي آھي، جيڪي تاريخ جي فطري تقاضائن ابتڙ پنھنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ھڻي پنھنجا پير زخمي ڪري رھيون آھن. محسوس ايئن پيو ٿئي ته انھن جي خمير ۾ صدين کان موجود م احساس برتري جو ڀوت شامل آھي، جنھن ڪري سندن پير ڪنھن بہ ڌرتيءَ تي اڄ تائين مضبوط ٿي نہ سگھيا آھن. جڏھن ته تاريخ کين ۱۹۴۷ کان پوء شاندار موقعو عطا ڪيو آھي. سنڌ ڪڏھن به ثقافتي گونا گونيت کي خراب نه سمجھيو آھي. ھن کان اڳ سنڌ ثقافتي، نسلي ۽ لساني گوناگونيت تي ايتري حساسيت نہ ڏيکاري آھي، جيتري اڄ ڏيکارڻ لاءِ مجبور ڪئي وئي آھي. سنڌ ۾  مختلف ٻوليون ڳالھائيندڙ برادريون صدين کان امن ۽ سڪون سان گڏ رھندڙ آھن. سنڌ ھميشه پنھنجي غالب رنگ، سنڌيت سان سڀني کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀريو  آھي. جنھن جو اعتراف ٻين لساني گروھن ۾ موجود  تاريخي شعور رکندڙ سلجھيل ماڻھن طرفان وقت به وقت پڻ ٿيندو رھيو آھي.

                 سنڌين جي انھيءَ ڀائيچاري ۽ امن پسنديءَ واري سوچ کي ڪي ڌريون سنڌي قوم جي ڪمزوري سمجھي رھيون آھن، جيڪا سندن غلطي آھي. بدقسمتيءَ سان اھڙيون ڌريون وقت به وقت سنڌ خلاف سازشن جا ڄار وڇائي رھيون آھن. يا ٻين جي وڇايل سازشن جو حصو بڻجي رھيون آھن.  ھن وقت نون صوبن جو  راڳ ڪو اوچتو پيدا ٿيل ڪونھي پر ھي ھڪ مخصوص ذھنيت جو تاريخي حقيقتن کان اک ٻوٽ جو تسلسل آھي، جيڪو ورھاڱي کان پوء مختلف شڪلين ۾ مسلسل ورجايو پيو وڃي م. ڪڏھن ٻوليءَ جي معاملي تي ته ڪڏھن جداگانہ بلدياتي نظام جي شڪل ۾ ته ڪڏھن ٻين ھٿرادو پيدا ڪيل اشوز تي. جيئن مٿي چئي چڪا آھيون ته ھي انھن ڌرين ۾ محدود دائري اندر موجود گروھ جي احساس برتريءَ واري اجائي سوچ جو نتيجو آھي، جيڪا تاريخي حقيقتن جي ابتڙ  جيري ڪاڻ ٻڪري ڪھڻ لاء ھر وقت تيار ھوندي آھي. انھن ڌرين جي سياست جو محور نسل پرستي، دھشتگردي  ۽ مقتدر حلقن جي دلالي ڪرڻ تي ٻڌل آھي. ھي ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو واري حڪمت عملي تي ٻڌل سياست آھي.

تاريخ جي ستم ظريفي آھي جو اٺھتر سالن جو عرصو گذرڻ باوجود به انھيءَ سياسي روش جي ھاڃيڪار نتيجن کان اڻ واقف ھي گروھ، اڃان تائين شناخت جي رڻ ۾  ڀٽڪي رھيو آھي. چڱي ڳالھ ھي آھي تي ھي نسل پرست طبقو ھاڻي آھستي آھستي سڪڙجي ڪراچي تائين محدود ٿيندو پيو وڃي.

سنڌ جي مفادن ۾ ھر انھيءَ خيال جي قومي سطح تي پذيرائي ٿيڻ گھرجي، جيڪا نسلي اختلافن کي گھٽائڻ ۾ مددگار ٿي سگھي. عام اردو ڳالھائيندڙن ۾  آھستي آھستي ھاڻ ھي مثبت احساس پيدا ٿي رھيو آھي ته کين آخرڪار سنڌين سان ئي گڏ رھڻو آھي. انھيءَ ڪري کين اردو ڳالھائيندڙ ڪميونٽي طور قبول ڪرڻ ۾ ڪو حرج ڪونھي. خود اردو ڳالھائيندڙ پڻ پنھنجي پنھنجي دائرن ۾ ڪيترن ئي لساني ۽ نسلي تضادن جو شڪار آھن. ڪيتريون ئي سنڌي نزاد  واپاري ڪميونٽيون واپاري مفادن ۽ پنھنجي بقا خاطر انھن انتھا پسند گروھن وٽ يرغمال بڻيل آھن. کين عدم تحفظ جو احساس مجبور ڪري رھيو آھي ته ھر انھيءَ بيانيي جي حمايت ڪن، جيڪو مقتدر حلقن ۽ سندن مقامي حوارين جو ھجي. سمجھڻ گھرجي ته ڪراچي اندر سياست تي نسلي ۽  معاشي مفادن جو رنگ وڌيڪ گھرو ھوندو آھي، جنھن جون ڏوريون اصل مقتدر حلقن جي ھٿ ۾ ھونديون آھن، جيڪي وقت به وقت پنھنجي بيانيي جي حق ۾ نوان نوان طبلچي راءِ ھموار ڪرڻ لاءِ سنڌ موڪليندا رھندا آھن. موٽ ۾ سنڌ جو اجتماعي شعور کين خوار خراب ڪري پوئتي ھٽڻ تي مجبور ڪندو رھندو آھي.  ھن وقت سنڌي نزاد واپاري ڪميونٽين کي تحفظ ڏئي پنھنجو ڪرڻ وقت جي ضرورت آھي. نسلي ٽڪراءَ ٻنھي ڌرين جي حق ۾ ڪونھي. سنڌ جي اڪثر ننڍن وڏن شھرن ۾ اردو ڳالھائيندڙ، سنڌي ماڻھن سان ڳنڍجي چڪا آھن. سندن مٽي مائٽي، واپار وڙو ۽ زندگي جو سمورو وهنوار سنڌي ماڻھن سان آھي.

  سنڌي ماڻھن جي شھرن طرف، خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدر آباد طرف ٿيندڙ لڏ پلاڻ نسل پرستن کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي. ۱۹۴۷ کان وٺي ۱۹۷۰ تائين ھو شھرن جي وسيلن جا اڪيلا مالڪ بڻيا ويٺا ھئا. سندن ذھنن ۾ سنڌين لاء خاص قسم جو ھٿرادو پيدا ڪيل  منفي تاثر ڀريو ويو ھو. جيڪو ھاڻ آھستي آھستي ڪمزور ٿي رھيو آھي. سنڌ شھري ۽ سنڌ ٻھراڙي جي تقسيم جو ڪو حقيقي وجود ھاڻ نظر نٿو اچي. ھن تقسيم کي سياسي مقصدن لاء استعمال ڪيو پيو وڃي. انھيءَ سلسلي ۾ اجائي واويلا ڪري ڌرتي ڌڻين کي نفسياتي طور مايوس ڪرڻ جي ھڪ بدنيتي تي آڌاريل سازش آھي.  بدقسمتيءَ سان نام نھاد قومي ميڊيا انھيءَ تقسيم کي بار بار ورجائي ٻنھي مستقل آبادين ۾ وڌيڪ ويڇا پيدا ڪري رھي آھي. وقت ۽ حالتون سنڌي ماڻھن جي سياسي طاقت کي شھرن ۾ مستحڪم ڪري رھيون آھن. انھيءَ خوش آئند تبديلي ۾ سوشل ميڊيا پڻ سٺو ڪردار ادا ڪيو آھي.

ڪيترن ئي اندروني سماجي بحرانن کي منھن ڏيندڙ سنڌي سماج اڄ بہ پرامن جدوجھد وسيلي شاندار منزلون طئي ڪري رھيو آھي. ھن وقت اسان جو نوجوان تعليم، ٽيڪنالوجي، واپار ۽ شھري پورھئي سان ڳنڍجي رھيو آھي. ھي ھاڪاري عمل آھي، جنھن ۾ اڃان وڌيڪ تيزي اچڻ گھرجي. سنڌي سماج جو ھي تبديل ٿيندڙ روپ آھي، جيڪو  انھيءَ محدود نسل پرست گروھ لاء قبوليت جوڳو نه آھي. ھن وقت سندن نون صوبن جي فضول راڳ کي  انھيءَ تبديل ٿيندڙ مقامي، ملڪي ۽ بين الاقوامي صورت حال جي پس منظر ۾ سمجھڻ گھرجي. اسان کي ھن وقت نسلي ٽڪراءَ کان پاسو ڪري، ھاڪاري سوچ رکندڙ اردو ڪميونٽي سان سھڪار ڪرڻ گھرجي ۽ اھڙو  گڏيل پليٽ فارم ٺاھڻ گھرجي، جنھن ۾ ٻنھي لساني ڌرين جي ساڃاھ وندن کي گڏجي علمي ادبي ۽ ثقافتي پروگرام ڪرڻ گھرجن.  اردو ڳالھائيندڙن جي بدقسمتي چئبي ته سندن نئون نسل سموري سنڌ جي تاريخي، لساني ۽ ثقافتي ڄاڻ کان اڄ بہ بيخبر آھي.  وثوق سان چئي سگھجي ٿو ته کين ڪراچي جي تاريخ ۽ جاگرافي کان به صحيح معنا ۾ واقفيت ڪانھي. يقينن انھيءَ صورت حال جا ذميوار پاليسي ساز (نصاب بنائيندڙ)  آھن، جن زميني حقيقتن کان ھٽي ڪري  تعليمي پاليسيون ٺاهي نئين نسل کي زمين سان جوڙڻ بجاءِ ھوائي قلعا تعمير ڪري ڏنا. جنھن جا ھاڃيڪار اثر سمورو ملڪ ھن وقت ڀوڳي رھيو آھي. اسان کي `نانگ نڪري ويو، ليڪو پيو ڪٽجي ` واري روش ھاڻ ختم ڪري  ايندڙ مستقبل جي طرف ڏسڻ گھرجي. جيڪو وقت گذري ويو سو گذري ويو. جيڪو سياسي نقصان ٿيڻو ھو سو ٿي ويو. باقي ھڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ مان ڪو فائدو نه ٿيندو. ڪير سڄڻ ڪير غدار، تنھن جو فيصلو تاريخ پاڻ ڪندي. اسان کي دنيا جي تبديل ٿيندڙ سياسي، سماجي، معاشي ضرورتن کي سمجھي نئين سر رٿابندي ڪرڻي پوندي. پنھنجي اندروني تضادن کي ختم ڪرڻو پوندو. مستقل مزاجيءَ سان ويجھي ۽ ڊگھي مدي واري رٿابندي ڪرڻي پوندي. جنھن سان سنڌ ھڪ دفعو ٻيھر انشاء اللہ پنھنجي شاندار مستقبل طرف وک وڌائيندي.