ھن ملڪ جي بدقسمتي چئبي ته اسان جي سياسي اڪابرن شروع کان ئي وٺي زميني حقيقتن کان اکيون ٻوٽي خيالي قلعا تعمير ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آھن. ھي ڍگھو بحث طلب حقيقت آھي. تنھنڪري وقت بوقت انھن خيالي قلعن جا بنياد سندن سياسي حماقتن واري سياست سبب لڏي ٿا پون. نون صوبن جو اٿاريل سوال پڻ انھيءَ پس منظر ۾ سمجھڻ گھرجي. اھڙي قسم جي سوچ جا اگرا نتيجا اسين ماضيءَ ۾ ملڪ ٽٽڻ جي صورت ۾ ڀوڳي چڪا آھيون. اسين ھڪڙي بحران کي منھن ڏيون ٿا ته مٿان وري ٻيو بحران ڪر کنيو بيٺو آھي. 79 سالن گذرڻ بعد به اسين پنھنجا پير پختا نه ڪري سگھيا آھيون ۽ مختلف تضادن جو شڪار آھيون. اقتدار ۾ ويٺل اڪابرن کي دانشمندي سان انھن سببن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گھرجي .ھنن اڪابرن کي سمجھڻ گھرجي ته ڪنھن قوم جو تاريخي وجود ڪنھن ھٿرادو فيڪٽري جي مينوفيڪچرنگ وارو عمل ڪونھي. ھي سوين سالن جي تاريخي تسلسل جو ٻيو نالو آھي. تاريخ، فطرت وانگر پنھنجا رستا پاڻ تخليق ڪندي آھي، تنھن ڪري فطرت جيان تاريخ سان ٽڪر کائڻ پڻ ناممڪن آھي. ھن نازڪ وقت ۾ عوام جي ڌڪاريل ۽ زوري مسلط ڪيل سياسي جيتامڙن پاران شروع ڪيل مھم جوئي ملڪ جي بنيادن کي کوکلو بڻائي رھي آھي. ملڪ کي بحرانن جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آھي. ڪنھن ھڪ وحدت، پارٽي يا اداري جو ٺيڪو کنيل ناھي، ۽ نه ئي کين اختيار ڏئي سگھجي ٿو ته تاريخي وحدتن سان ھٿ چراند ڪن، محب وطني ۽ غداري جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪن .
پاڪستان گھڻ قومي رياست آھي، جنھن جو بنياد ۱۹۴۰ واري قرارداد تي بيٺل آھي جيڪو قومن جي وچ ۾ معاھدو ھو، نه ڪي شامل قومون ڏنڊي جي زور تي فيڊريشن جو حصو بڻيون ھيون. تنھنڪري ضروري آھي ته سڀئي وحدتون ھڪ جيتريون بااختيار ھجن.
ھن وقت جيڪو نون صوبن جو راڳ شروع ڪيو ويو آھي، سو ڪنھن به طرح سان ۱۹۴۰ واري قراداد سان مطابقت نٿو رکي. ھي مطالبو ملڪ ۾ اڳ ئي موجود تضادن کي وڌيڪ ھوا ڏئي رھيو آھي. سنڌ ھن معاملي ۾ انتھائي حساس آھي. ھن حساسيت جا ڪيترائي ٺوس سبب پڻ آھن. سنڌ جي ڳچيءَ ۾ آمريت واري ڪاري دور ۾ جيڪو لساني سياست جو نوڙ وڌو ويو آھي، ھي سڀ تنھن جا خوفناڪ نتيجا آھن.ھن وقت نام نھاد قومي ميڊيا ذريعي ڪوڙا بيانيا بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سموري سنڌ ۽ سموري ملڪ جا باشعور فرد ميڊيا جي هڪ طرفي بڻايل ڪوڙي بيانيي کي رد ڪن ٿا. سنڌ تاريخي، تهذيبي، لساني ۽ ثقافتي حوالي سان الگ سڃاڻپ رکڻ باوجود پاڪستان جي خالق وحدت آھي. ھن وحدت ملڪ جي تخليق کان وٺي جمھوري جدوجھدن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌ ملڪ جي سمورن صوبن (وحدتن) جي مقابلي ۾ وڌيڪ قربانيون ڏنيون آھن ته وري وڌيڪ زخم پڻ برداشت ڪيا آھن. اردو ڳالهائيندڙن جي نمائندگيءَ جي ڪوڙي دعويدار جماعت پاران ھن وقت سنڌ جي اندر جيڪا الڳ صوبي واري ڳالھ ورجائي پئي وڃي، تنھن جا وٽن ڪي به مناسب دليل ناھن، ھو اجايو اڀ ۾ ٿُڪي رھيا آھن. سنڌ جي ساڃھ وندن کان وٺي عام ماڻھو تائين انھيءَ سوچ کي نمڪ حرامي جي انتھا سمجھن ٿا. سنڌ تاريخ جي مختلف دورن ۾ سيڪيولر سوچ ۽ آمريت مخالف جمھوري جدوجھدن جو مرڪز رھي آھي. سنڌ سمجھي ٿي ته کيس عالمي ڀائيچاري واري سيڪيولر سوچ ۽ آمريت مخالف مزاج جي سزا ڏني پئي وڃي. کيس ڪنھن بيڪري جي ڪيڪ وانگر ڪٽي سندس شاندار پرامن مزاحمتي ڪردار کي مڏو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ته جيئن وسيلن جي لٽ مار سولي ٿي پوي .
شھري سنڌ ۽ ٻھراڙي سنڌ جو ھٿرادو بڻايل تصور ھاڻي مدي خارج ٿي چڪو آھي. ڇا سموري دنيا ۾ شھري ۽ ٻھراڙي بنياد تي سياست ڪئي وڃي ٿي؟ ھن ھٿرادو گھڙيل تصور ذريعي مخصوص تنگ نظر نسل پرست ڌر کي سنڌ مٿان مسلط ڪرڻ جي سازش سٽي وئي آھي. سنڌ انھيءَ بيانيي کي دليلن سان رد ڪري ٿي. ھن وقت، ھن ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ چڱيرڙي ڳالھ ھيءَ سامھون اچي رھي آھي ته اردودان دانشورن جو ھڪ چڱو تعداد زميني حقيقتن جو ادراڪ رکندي سنڌين سان گڏ بيٺو آھي. کين ھاڻ احساس ٿي رھيو آھي ته کين ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان ئي غلط واٽ تي آندو ويو آھي. ساڳي طرح ملڪ جي مختلف صوبن مان سنڌ جي نقطهء نظر جي حمايت ۾ پڻ آواز اچي رھيا آھن. سنڌ جا ماڻھو اھڙي مثبت سوچ جي آجيان ڪن ٿا .
مھاجر سياست جي دعويدارن کي سمجھڻ گھرجي ته ھو سنڌ جي اڪثر شھرن ۾ پنھنجي بڻايل مصنوعي اڪثريت ھاڻ وڃائي چڪا آھن. خود انھن شھرن جو عام اردو ڳالھائيندڙ، سندن ڀائي لوگ سنڌين ۾ جذب ٿي چڪا آھن. عام سنڌي ڳالھائيندڙ ۽ عام اردو ڳالھائيندڙ وچ ۾ ڪوبه ٽڪراءَ ڪونھي. وقت گذرڻ سان سلجھيل اردو ڳالھائيندڙ آبادي تنگ نظر لساني سياست کي آھستي آھستي رد ڪري رھي آھي. تنگ نظر لساني ٽولي کي ھوش کان ڪم وٺڻ گھرجي. ٻين جي ڪلھي تي چڙھي بندوق ھلائڻ مان کين ڪجھ به ھڙ حاصل نه ٿيندو. تاريخ کين وڌيڪ خوار ۽ خراب ڪندي. کين سمجھڻ گھرجي ته تاريخ جو ڦيٿو ابتو نٿو ڦري سگھي. تازو ڪراچي ۾ سنڌ انٽليڪچوئل فورم پاران ڪرايل سيمينار ۾ اردو دانشورن جي شرڪت ۽ سندن مثبت خيالن کي سنڌ قدر جي نگاه سان ڏسي ٿي. اھڙي قسم جا گڏيل سيمينار سنڌ جي ٻين شھرن ۾ پڻ ٿيڻ گھرجن، ته جيئن برتري جي خناس ۾ مبتلا سياسي ذھنيت ھٿان يرغمال ٿيل اردو ڳالھائيندڙ سنڌين کي سنڌي ماڻھن جي ويجھو آڻي سگھجي .
سنڌي انتھا پسند ناھن، ھن ڌرتي ڪيترن ئي نسلي ۽ لساني گروهن کي پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏيو آھي. اڄ اھي لساني گروھ گھر ۾ ڪھڙي به ٻولي ڳالھائيندا ھجن، اھو سنڌين جو مسئلو ناھي. سنڌين ڪڏھن به انھيءَ بنياد تي ناھي سوچيو. اردو ڳالهائيندڙن کي پڻ گھرجي ته ھو ھن ڌرتيءَ جي خوبصورت روايتن کي پنھنجو ڪري پنھنجي ايندڙ نسل جي مستقبل کي محفوظ بنائين ۽ نام نھاد شھري قيادت جو گھيراءُ ڪن، جيڪا کين ھٿيار کڻڻ جي ترغيب ڏئي، سندن علمي ادبي سائنسي صلاحيتن کي مڏو ڪري رھي آھي. سنڌ چاھي ٿي ته ھو پنھنجي سمورين صلاحيتن کي سنڌ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪتب آڻين، انھيءَ ۾ ئي سندن بقا آھي .