سنڌ ۽ بلوچستان صوبا سامونڊي بندرگاھ، تيل، گيس، سون، چاندي، ٽامي ، ڪوئلي سميت ٻين قيمتي معدني ذخيرن سان مالامال ھجڻ ڪري ھن خطي ۾ وڏي اھميت رکن ٿا. سنڌ صوبي کي سون جھڙين لکين ايڪڙ زرخيز زمينن ۽ سنڌو درياء ڪري به وڌيڪ اھميت حاصل آھي. شروع کان وٺي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ، وفاقي حڪومت ۽ عالمي سامراجي قوتون گوادر کان وٺي ڪراچي ۽ ڪيٽي بندر تائين سامونڊي بندرگاھن ،معدني ذخيرن، زمينن ۽ سنڌو درياء تي قبضو ڪرڻ لاء سرگرم رھيون آھن. ڪراچي بندر گاھ پاڪستان جي شھ رڳ آھي.ان ڪري ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جون وري تياريون زور شور سان جاري آھن. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون اڳ ئي وفاقي ادارن ۽ غير ملڪي ڪمپنين حوالي ڪيون ويون آھن، ڪراچي ملير ۾ صدين کان آباد سنڌي ڳوٺ ڊاھي زمينن تي قبضو ڪرڻ پڻ ان سلسلي جي ڪڙي آھي. ڀنڀور کان وٺي ڪيٽي بندر، ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ڪوئلو نڪرڻ کان پوء ٿر جي زمينن تي به قبضا ڪري زبردستي مقامي سنڌي ماڻھن کي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. سنڌو درياء مان نون پراجيڪٽن وسيلي ڪينال ڪڍڻ ۽ ڊيمن ٺاھڻ جو ڪم تيزي سان ھلندڙ آھي. آمريڪا سامراج طرفان سوويت يونين خلاف افغانستان ۾ وڙھي ويندڙ جنگ کان پوء ٻيھر ھن خطي ۾ ايران، آمريڪا جنگ جا شعلا ڀڙڪايا ويا آھن. ھرمز جي لنگھ تي ايران جو ڪنٽرول آھي. چون ٿا جتي تيل اتي آمريڪا، ھاڻي دنيا اندر اقتصادي جنگ وڙھي پئي وڃي. جنھن ملڪ جي ڪنٽرول ۾ تيل ۽ٻيا معدني وسيلا ۽ سامونڊي لنگھ ھوندا اھو ئي ملڪ دنيا تي حڪمراني ڪندو. آمريڪا پنھنجن سياسي، معاشي ۽ اقتصادي مفادن کي حاصل ڪرڻ ۽ دنيا اندر قيمتي معدني ذخيرن ۽ تيل تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء جنگيون ڪندو، جمھوري طريقي سان چونڊيل عوام دوست حڪومتن جي اڳواڻن جا تختا اونڌا ڪندو کين مارائيندو، فوجي ڊڪٽيٽرن کي اقتدار ۾ آڻي انھن معرفت ھزارين بيگناھ انسان قتل ڪرائيندو رھيو آھي ۽ پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ کان پوء وري پنھنجن ئي اقتدار تي ويھاريل لاڏلن حڪمرانن ۽ ڊڪٽيٽرن کي عبرتناڪ انجام تائين پھچائيندو رھيو آھي. آمريڪا جي ان ئي پاليسي کي نظر ۾ رکندي ھنري ڪسنجر چيو “آمريڪا سان دشمني ڪري پنھنجي سر تي مصيبت کڻڻ خطرناڪ ٿي سگھي ٿو، پر آمريڪا سان دوستي پنھنجي موت کي ترجيح ڏيڻ برابر آھي.”
عراق ۾ صدر صدام کي طاقتور ڪري ايران عراق جنگ ڪرائڻ، صدام کي وري ڪويت تي حملو ڪرڻ لاء اڪسائڻ کان پوء عراق ۾ آمريڪي چڙھائي ۽ صدام جو عبرتناڪ انجام، ايران جي وزيراعظم محمد مصدق جي حڪومت ختم ڪرائي رضا شاھ پھلوي کي اقتدار ۾ آڻڻ ۽ ان جو انجام، 1973 ۾ چلي ۾ جمھوري طور تي چونڊيل صدر آلندي کي ھٽائي سفاڪ، قاتل ۽ جلاد جنرل آگسٽو پنوشي کي اقتدار ۾ آڻڻ ۽ ان جو انجام، 1954 ۾ گوئٽي مالا جي اربنيز جو تختو اٿلائي ڊڪٽيٽر ڪرنل ڪارلوس ڪاسٽيلو ارماس کي نامزد ڪرڻ، ڪانگو جي چونڊيل وزيراعظم لوممبا کي قتل ڪرائي پنھنجي لاڏلي ڊڪٽيٽر جنرل موبوتو کي صدر مقرر ڪرڻ، پاڪستان ۾ جمھوري حڪومتن جو ٺھڻ ۽ ڊھڻ، ڊڪٽيٽرن جنرل ايوب، جنرل ضياء، يحييٰ ۽ مشرف کي طاقتور ڪري اقتدار ۾ آڻڻ ۽ انجام کان ان جا چٽا مثال آھن.
تازو آمريڪا جي صدر ٽرمپ معدني وسيلن سان مالامال ملڪ وينزويلا تي فوجي ڪاھ ڪري صدر کي ئي اغوا ڪري کڻي ويو ۽ دنيا تماشو ڏسندي رھي. وينزويلا جي تيل ۽ معدني وسيلن تي قبضو ڪرڻ کان پوء وري ايران ۾ رجيم چينج آڻي ايران جي تيل جي کوھن تي قبضو ڪرڻ لاء حملو ڪيائين پر ناڪام ويو ۽ ايران ھرمز جي لنگھ تي پنھنجو ڪنٽرول مضبوط ڪري ورتو، جنھن ڪري دنيا ۾ عالمي بحران پيدا ٿي ويو آھي. ھاڻي آمريڪا کي ٻيا نوان سامونڊي بندر گاھ کپن، ھرمز جو لنگھ بند ٿيڻ کان پوء ڪراچي ۽ گوادر بندر گاھن جي اھميت عالمي سطح تي وڌي وئي ۽ آمريڪا جون نظرون به انھن ٻنھي بندرگاھن تي آھن. آمريڪا انھن ٻنھي سامونڊي بندرگاھن، سنڌ ۽ بلوچستان مان نڪرندڙ معدني وسيلن ۽ سامونڊي پٽي تي ڪنٽرول ڪري ايران، چين ۽ روس لاء مشڪلاتون پيدا ڪري سگھي ٿو. ان ڪري صدر ٽرمپ پاڪستان جي حڪمرانن مٿان موھجي مورڇل پيو ھڻي. پاڪستان جا حڪمران ماضي ۾ آمريڪا جي لاڏلن حڪمرانن جي عبرتناڪ انجام کي وساري ھنبوڇيون پيا ھڻن ۽ خوش پيا ٿين. اسٽيبلشمينٽ ۽ وفاقي حڪومت طرفان گوادر ۽ ڪراچي بندرگاھ سميت سامونڊي پٽي وفاق حوالي ڪرڻ لاء نون صوبن ۽ يونٽن جو راڳ شروع ڪيو ويو آھي. ان راڳڻي جي پٺيان ممڪن حد تائين آمريڪا جو پلان نظر اچي ٿو ته جيئن سنڌ ۽ بلوچستان جي بندرگاھن ۽ قيمتي معدني وسيلن تي ڪنٽرول حاصل ڪري سگھجي. لڳي ايئن پيو ته ھي سڄي عالمي گريٽ گيم ھتي وڙھي ويندي. آمريڪا پنھنجن مفادن جي عالمي جنگ لاء ھميشه ٻين ملڪن ۽ خطن جي چونڊ ڪئي آھي. جيئن آمريڪا سوويت يونين خلاف وڙھي ويندڙ جنگ لاء افغانستان جي سرزمين جي چونڊ ڪئي ۽ پاڪستان ھراول دستي جو ڪردار ادا ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرائي ڊڪٽيٽر ضياء کي اقتدار ۾ آڻي، پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ کان پوء ان جو عبرتناڪ انجام ڪيائين.پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھيستائين جن به ڊڪٽيٽرن مارشلائون ھڻي لولي لنگڙي جمھوري حڪومتن جو خاتمو ڪيو ان جي پٺيان آمريڪي سي آئي اي جو مکي ڪردار رھيو آھي. ڪتاب “آزدی سے غلامی تک” پاکستان امریکہ کی اندرونی کہانی (اردو ڇاپو) ليکڪ قيوم نظامي لکي ٿو “ضياء الحق جا آمريڪي سي آئي اي جي ڊائريڪٽر ڪيسي (Casey) سان ويجھا لاڳاپا ھئا، ڪيسي سال ۾ ٻه دفعا پاڪستان جو دورو ڪندو ھو. ضياء جڏھن به مشڪل ۾ ايندو ھو ته ھُو آمريڪا ۾ ڪيسي سان رابطو ڪندو ھو. پاڪستان ۾ آمريڪي سي آئي اي جي مداخلت بابت اڳوڻو رٽائر برگيڊيئر سيد احمد ارشاد ترمذي چيف آف اسٽاف ڊائريڪٽر جنرل آئي ايس آئي ڪتاب “حساس ادارے” اردو ڇاپو (1998) ۾ لکي ٿو، “پاڪستان جي پنجاھ سالن جي تاريخ ۾ اسين ھر وقت آمريڪي نگراني، دٻاءُ ۽ ان جي من پسند پاليسين جي نشاني ۾ رھيا آھيون. آمريڪا پنھنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاء ڪڏھن اقتصادي دٻاء جا ھٿڪنڊا ته ڪڏھن وري دھشتگرد ملڪ قرار ڏيڻ جا بھانا ۽ حراسان ڪرڻ جا حربا استعمال ڪندو رھيو آھي.”. مٿئين ساڳي ڪتاب ۾ چيف آف اسٽاف جنرل مرزا اسلم بيگ جو ھڪ مضمون جيڪو”دي مسلم” ۾ 29جنوري 1994 ۾ شايع ٿيو ھو ان جو حوالو ڏئي لکي ٿو” آمريڪا پاڪستان جي سابق غير جمھوري حڪومتن ۾ اعلي ترين عھدن تي پنھنجا ايجنٽ تعينات ڪري رکيا ھئا ته جيئن پاڪستان جي سڄي سياسي ۽ سماجي نظام کي الٽ پلٽ ڪري سگھجي ۽ ھن کي پنھنجي مقصد جي فائدي ۾ سولائي ٿئي. اسان کي ان ڳالھ جي اشد ضرورت آھي ته اسين پنھنجي سمورين صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سي آئي اي جي ايجنٽن ۽ ان جي آقائن مان نجات حاصل ڪريون”. ساڳئي ڪتاب ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ٻئي نمبر سيڪريٽري جنھن جو نالو “بوب” ھو جو قصو لکيو اٿس، آخر ۾ لکي ٿو، “اسان ھڪ تفصيلي رپورٽ تصويرن سميت جنرل ضياء کي موڪلي ۽ پنھنجي راء به لکي ته “بوب” کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏيئي پاڪستان مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ڪجھ ڏينھن کان پوء اسان کي اھو جواب مليو ته صدر پاڪستان، دفتر خارجا سان ان معاملي تي صلاح مشورو ڪيو آھي، اسان جي دفتر خارجا جو خيال آھي ته اسان کي اھو سڀ وسارڻ کپي. ھن وقت پاڪستان ۾ ٻيا به “بوب” آھن اسين سڀني کي ڌڪا ڏيئي ملڪ مان نه ٿا ڪڍي سگھون ۽ ھن وقت آمريڪا کي ناراض ڪرڻ به مناسب ڪونھي. ان ڪري آئي ايس آئي کي گھرجي ته “بوب” تي پنھنجو وقت ضايع نه ڪري.
ھي حڪمران به صدر ٽرمپ جي آشيرواد کان پوء ھن ملڪ ۽ عوام سان اھو ساڳيو حشر ڪرڻ چاھين ٿا جيڪو اڳوڻن ڊڪٽيٽرن ڪيو. اڳوڻن ڊڪٽيٽرن انتھا پسندي، دھستگردي ۽ منشيات جا جيڪي ٻج ڇٽيا ھئا اھي وڌي وڻ ٿي ويا، ھي حڪمران وري انھن کي وڌيڪ طاقتور ڪري رھيا آھن، جنھن جو ثمر بلوچستان، خيبرپختونخوا ۾ ملي پيو، آزاد جمون ڪشمير جي صورتحال به سڀني جي اڳيان آھي، سنڌ ۾ وري ايم ڪيو ايم ۾ ھوا ڀري پئي وڃي، نون يونٽن ۽ صوبن جو مسئلو کڙو ڪري سنڌ ۾ بي چيني ۽ بي يقيني واري صورتحال پيدا ڪئي وئي آھي. ملڪ جا اصل حڪمران اھي “بوب” آھن، جيڪي ھنن کان ڪم وٺي وري ھنن سان ئي اڳوڻن حڪمرانن وارو عبرتناڪ حشر ڪندا.