نون چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن حلف کڻي ورتو، سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن سخت نعريبازي ڪئي، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو
فيبروري 29, 2024
نون چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن حلف کڻي ورتو، سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن سخت نعريبازي ڪئي، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو
اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪندو
اجلاس صبح 10 وڳي شروع ٿيڻو هو پر اجلاس مقرر وقت کان هڪ ڪلاڪ پوءِ شروع ٿيو.
اجلاس جي شروعات تلاوت قرآن پاڪ سان ڪئي وئي ۽ پوءِ نعت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم پيش ڪئي وئي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو، جن ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر مسلم ليگ ن شهباز شريف، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان شامل هئا. خورشيد شاهه، سردار اياز صادق ۽ ٻين نون چونڊيل ميمبرن حلف کنيو.
سني اتحاد ڪائونسل جي عمر ايوب، بئريسٽر گوهر، علي محمد خان به حلف کنيو، جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جي عليم خان کي صحيح ڪرڻ لاءِ سڏيو ويو ته سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن لوٽا لوٽا جا نعرا هنيا.
ان کان علاوه محمود خان اچڪزئي ۽ سردار اختر مينگل به حلف کڻڻ وارن ۾ شامل آهن. حلف برداري جي تقريب کانپوءِ ميمبر رجسٽر تي دستخط ڪري رهيا آهن.
حلف برداري واري تقريب کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ اسيمبلي جي نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي ۽ پوءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ کانپوءِ وزيراعظم جي چونڊ ٿيندي.
موجوده قومي اسيمبلي 336 ميمبرن تي مشتمل آهي، جن مان 266 ميمبر سڌي چونڊ ذريعي چونڊيا ويندا آهن جڏهن ته باقي ميمبر مخصوص سيٽن تي ايوان جو حصو آهن.
وزيراعظم جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ 3 مارچ تي جمع ڪيا ويندا، قومي اسيمبلي 4 مارچ تي نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪندي ۽ 4 مارچ تي وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻڻ جو امڪان آهي.
شهباز شريف کي ٻيو ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ لاءِ 169 ووٽن جي ضرورت آهي، جڏهن ته هن وقت مسلم ليگ ن ۽ ان جي اتحادين کي 200 کان وڌيڪ ميمبرن جي حمايت حاصل آهي.