نون ۽ پراڻن وارا ڊراما بند ڪريو: فريال جو ٿري پارليامينٽرينزکان پڇاڻو: گوڌيار تڪرار نبيرائڻ جو حڪم 

  نون ۽ پراڻن وارا ڊراما بند ڪريو: فريال جو ٿري پارليامينٽرينزکان پڇاڻو: گوڌيار تڪرار نبيرائڻ جو حڪم 

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) ٿر جي چونڊيل نمائندن جي فريال ٽالپر سان ملاقات،  ذاتي انا ۽ اختلافن سبب ڪارڪنن ۾ جھيڙن وارن معاملن تي سخت پڇاڻو ڪيو ويو، ذريعن موجب ڪالهه هتي زرداري ھائوس ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾  پ پ ٿرپارڪر جو ضلعي صدر غلام حيدر سميجو، پ پ ايم اين ايز ڊاڪٽر مھيش ملاڻي ۽ پير امير علي شاھه جيلاني،  ايم پي ايز ارباب لطف الله،  دوست محمد راھمون، فقير شير محمد بلالاڻي ۽ قاسم سراج سومرو شريڪ ٿيا، ذريعن موجب  گڏجاڻي ۾ ٿر جي مجموعي صورتحال توڙي پارٽي اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن وچ ۾ اختلافن تي تفصيلي گفتگو ٿي، گڏجاڻي ۾ پ پ جي ضلعي صدر  ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو دانهيو ته آئون ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين ۽ صدر آھيان، انهي هوندي ايس ايس پي توڙي ڊي سي منهنجي ڪا ڳالهه نٿا ٻڌن، فريال ٽالپر پاران انھي معاملي کي ڏسڻ جي خاطري ڪرائي وئي،  گڏجاڻي ۾ فريال ٽالپر  ٿر جي ڳوٺ گوڌيار ۾ سومرا برادري جي اختلافن،  جھيڙي ۽ فائرنگ واري واقعي بابت پڇاڻو ڪيو ويو،  پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ملاڻي ٻڌايو ته ھو پارٽي جي پراڻن ڪارڪنن جو خيال رکندو آھي،  گوڌيار ۾ پ پ ۾ شامل ٿيل نوان ماڻهو پارٽي لاءِ مسئلا پيدا پيا ڪن، جنهن تي فريال ٽالپر سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته نون ۽ پراڻن واري ڊرامابازي بند ٿيڻ گھرجي، پ پ جو ھر ڪارڪن پارٽي جو اثاثو آھي،  ٿر ۾ ٿيندڙ جھيڙن سان نقصان عام ماڻهو جو ٿئي ٿو، فريال ٽالپر پ پ  ميمبرن کي ڇنڊ  پٽيندي چيو ته ذاتي انائن ڪري ڪارڪنن کي ويڙھائڻ بند ڪريو، ڳوٺ گوڌيار وارو معاملو ڌرين جو ذاتي جھيڙو آھي،  انھي کي اتي ئي حل ڪرڻ گھرجي،  هاڻ اهڙيون شڪايتون اچڻ نه گھرجن، ذريعن موجب گڏجاڻي ۾ موجود اڳواڻن گوڌيار معاملو نبيرڻ لاءِ پ پ ايم اين اي  پير امير علي شاھ جيلاني،  دوست محمد راھمون ۽ صوفي شوڪت کي امين مقرر ڪرڻ جو مشورو ڏنو، جنهن تي پارٽي قيادت ٽنهي اڳواڻن کي امين مقرر ڪيو، گڏجاڻي ۾ پارٽي قيادت کي ٻڌايو ويو ته گوڌيار جي سومرا برادري جو جھيڙو رڳو اسڪولي پلاٽ تي ناهي، انھي جا ٻيا به کوڙ سبب آھن، جن کي برادري سطح تي نبيرڻ جي ضرورت آھي، پارٽي قيادت چونڊيل نمائندن جي راءِ وٺي کين ھدايت ڪئي ته ڳوٺ گوڌيار تڪرار جو فوري نبيرو ڪري کيس رپورٽ  ڏني وڃي، ٻئي طرف  گڏجاڻي ۾ شريڪ صوبائي صلاحڪار دوست محمد راھمون ٻڌايو ته گوڌيار جي سومرا برادري جو تڪرار نبيرڻ لاءِ ٿر ۽ عمرڪوٽ جي سومرا برداري جي معززن کي ٽاسڪ ڏنو ويو آھي، پارٽي قيادت آڏو اسانکي امين مقرر ڪرڻ جي ڳالهه به ٿي ھئي پر ھي سومرا برادري جو معاملو آھي، سومرا برادري جا ئي ماڻهو ئي انھي کي نبيريندا.
 

مونکي کنڀي فل فراءِ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون: ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ جي پٽ جون مھيش ملاڻي ۽ ايس ايس پي خلاف دانھون
 

ڪراچي : پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ جو پٽ  راھول جيوڻ  پ پ ايم اين  اي ڊاڪٽر مھيش ملاڻي ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر خلاف دانھن کڻي فريال ٽالپر وٽ پھتو، ذريعن موجب ملاقات دوران راھول جيوڻ ٻڌايو ته چار ڏينهن اڳ مٺي پوليس سندس مٺي واري گھر تي چڙھائي ڪري کيس کنڀي کڻي وئي، ايس ايس پي ٿرپارڪر مونکي چيو ته قبول ڪر ته گاڏي ۾ پيل منشيات تنهنجي آھي نه ته ھاف فرائي ڪندس، جنهن تي موجب فريال ٽالپر پڇيو ته  ڇا اوھان منشيات وڪرو ڪندا آھيو ؟ ٻين کي پوليس نٿي کڻي توکي ڇو کنيو ويو؟  جنهن تي راھول جيوڻ ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته ايس ايس پي پارٽي جي ھڪ ايم اين اي جي ونگار وھي ٿو، راھول جيوڻ الزام ھنيو ته ڊاڪٽر مھيش ملاڻي سندن ٻني تي پڻ قبضو ڪرايو آھي،  جنهن تي فريال ٽالپر گھرو وزير کي جاچ جي ھدايت ڪئي