اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته ججز کي ماڻهن سان ملڻ گهرجي ته جيئن نون خيالن ۽ راءِ جي خبر پوي، هڪ جج طور آئون رڳو غلط يا صحيح نه ڏسندو آهيان، پهرين ترجيح بنيادي حقن جو تحفظ هوندي آهي
آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته منهنجي ذميواري آهي ته درخواستگذار جي حقن جو تحفظ ڪريان
سندس چوڻ هو ته آئين آزادي ۽ خوشحال زندگي جي ضمانت ڏئي ٿو، مسئلو آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ جو نه، پر اُن کي صحيح رُخ ۾ استعمال ڪرڻ جو آهي
هن چيو ته اسان کي مسئلن جي حل لاءِ رڳو حڪومت تي نه ڀاڙڻ گهرجي، سڀني کي گڏجي حل ڳولڻو آهي، عوام کي اڳتي اچي مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو
چيف جسٽس چيو ته پهرين سادگي جي اهميت هوندي هئي، پر هاڻي اشرافيا سادگي وساري ويٺي آهي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ وسيلي مسئلن جو حل ممڪن آهي