27هين آئيني ترميم جي منظوريءَ بعد آرمي، نيوي ۽ ايئرفورس ايڪٽ ۾ ترميم جا بل به منظور ڪيا ويا. جيئن 27هين آئيني ترميم جي منظوري بعد آرمي ايڪٽ، نيوي ۽ ايئرفورس ايڪٽ ۾ ترميم جي ضرورت هئي، ائين انهن ترميمن بعد 27 نومبر تي چيف آف ڊفينس فورس جي مقرري جو به نوٽيفڪيشن نڪرڻ ضروري سمجهو پيو وڃي، جيڪو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ جو پهريان ته سبب اهو سامهون آيو ته وزير اعظم ملڪ اندر موجود ناهي، پر هاڻي ته وزير اعظم ملڪ اچي چڪو آھي، ان باوجود نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ سبب مختلف افواهون ڦهلجي رهيون آھن ۽ مختلف قياس آرائيون ٿي رهيون آھن. پهريان ته وزير دفاع جواجه آصف جو ٽوئيٽ سامهون آيو، جنهن ۾ چيو ويو ته، “چيف آف ڊفينس فورسز جي مقرري بابت غير ضروري ۽ غير ذميداراڻيون قياس آرائيون بنا جواز ڦهلايون پيون وڃن، جنهن حوالي سان اهو واضح ڪيو پيو وڃي ته انهيءَ مقرري جو پهريان ئي باقاعده عمل شروع ٿي چڪو آھي، وزير اعظم جلد پاڪستان پهچي رهيو آھي ۽ ان جي واپسي بعد چيف آف ڊفينس فورسز جو نوٽيفڪيشن مقرر وقت تي جاري ٿي ويندو. انهيءَ حوالي سان قياس آرائين يا بي بنياد تبصرن جي گنجائش نه آھي”. خواجه آصف اهو ٽوئيٽ 30 ڊسمبر 2025 تي جاري ڪيو هو. ان وقت هو پاڻ به ملڪ کان ٻاهر هو پر هاڻي وزير اعظم ته ملڪ ۾ اچي ويو آھي پر اڃان تائين نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو آھي، ان ڪري افواهون تيزي سان گردش ڪرڻ لڳيون آھن. مختلف تجزئي نگار پنهنجا تجزيا پيش ڪري رهيا آھن. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي هڪ ناليواري صحافي ابصار عالم جي انهيءَ حوالي سان تجزئي ٻڙڌڪ مڃائي ڇڏيو آھي. ابصار عالم نواز ليگ جي دور حڪومت ۾ چيئرمين پيمرا رهيو ۽ ان کي ن ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف جي ويجهي ترين صحافين ۾ ليکيو وڃي ٿو. ٻه ڊسمبر تي ابصار عالم پاران ڪيل وي لاگ موجب: هائبرڊ نظام 8- 9 سال گذاري چڪو آھي، اهو اڳتي هلي سگهندو يا نه، جي هلندو ته ڪيترو هلندو، ان بابت ڪجھ نٿو چئي سگهجي پر ان نظام سان هلندڙ ڪجھ ماڻهو ڪوشش ڪن پيا ته پيدا ٿيل مسئلو حل ٿي وڃي.
صحافي ابصار عالم پنهنجي وي لاگ ۾ چوي ٿو ته، آئين ۾ 27هين ترميم ڪئي وئي، جنهن تحت وزير اعظم جي سفارش تي صدر، آرمي چيف مقرر ڪندو، جيڪو چيف آف ڊفينس فورسز به هوندو، جڏهن ته ڪمانڊر آف نيشنل اسٽريٽجڪ فورس آرمي چيف جي سفارش تي مقرر ٿيندو. ابصار عالم صاحب وڌيڪ چوي ٿو ته ان حوالي سان ڌرين جا ٻه رايا آھن ته چيئرمين ڊفينس فورسز جنهن ۾ آرمي، نيوي، ايئرفورس، اسٽريٽجڪ سميت پنج فورسز هونديون، ان جي اجلاس ۾ فور اسٽار جنرل ويهندا. هڪ خيال آھي ته چيئرمين ڊفينس فورسز جي مقرري جو اختيار سول حڪومت ۽ پارليامينٽ وٽ هجڻ گهرجي. ابصار عالم وي لاگ ۾ چيو ته اختلاف جيڪو مان شيئر ڪريان ٿو ته، 27هين آئيني ترميم اڳتي هلي مسئلو ته پيدا نه ڪندي ۽ آرمي چيف جي عهدي سان چيئرمين ڊفينس فورسز جي عهدي کي نه سلهاڙجي، جڏهن ته ٻي راءِ اها آھي ته 27هين آئيني ترميم تحت مقرري ڪئي وڃي. ابصار عالم اهو به چيو آھي ته 27هين ترميم بعد هاڻي ڇا ٿي سگهي ٿو؟ هڪ اهو ٿي سگهي ٿو ته 28هين ترميم آڻي 27هين ترميم ۾ شامل ڪيل انهيءَ مامري ۾ تبديلي ڪئي وڃي. 28هين ترميم ته صوبن بابت آھي. پيپلزپارٽي جو ان حوالي سان موقف واضح آھي پر ن ليگ جو موقف واضح نه آھي. ن ليگ سمجهي ٿي ته صوبن وارو مامرو اسٽيبلشمينٽ جو آھي، جنهن کين ان صورت ۾ مڃيو وڃي، جڏهن ترميم به شامل ڪئي وڃي. ابصار عالم جيڪو سينيئر صحافي آھي ۽ نواز شريف جي ويجهو تصور ٿئي ٿو، ان چيو آھي ته بحران پيدا ٿي چڪو آھي، اهو ڪافي پيچيده بحران آھي. اهو بحران تڏهن ختم ٿيندو، جڏهن ڪا هڪ ڌر پنهنجو موقف مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏي پر ڌرين موقف تان نه هٽڻ جو فيصلو ڪيو ته مسئلو پيدا ٿيندو ۽ آرمي چيف جي عهدي سان چيئرمين ڊفينس فورسز جي عهدي کي نه سلهاڙجي، جڏهن ته ٻي راءِ اها آھي ته مقرري 27هين آئيني ترميم تحت ڪئي وڃي. ابصار عالم اهو به چيو آھي ته 27هين ترميم بعد هاڻي ڇا ٿي سگهي ٿو؟ هڪ اهو ٿي سگهي ٿو ته 28هين ترميم آڻي 27هين ترميم ۾ شامل ڪيل انهيءَ مامري ۾ تبديلي ڪئي وڃي. 28 ترميم ته صوبن بابت آھي پيپلزپارٽي جو ان حوالي سان موقف واضح آھي پر ن ليگ جو موقف واضح نه آھي. ن ليگ سمجهي ٿي ته صوبن وارو مامرو اسٽيبلشمينٽ جو آھي، جنهن کي ان صورت ۾ مڃيو وڃي، جڏهن ترميم به شامل ڪئي وڃي. ابصار عالم جيڪو سينيئر صحافي آھي، نواز شريف جي ويجهو تصور ٿي ٿو، ان چيو آھي ته بحران پيدا ٿي چڪو آھي اهو ڪافي پيچيده بحران آھي، اهو بحران تڏهن ختم ٿيندو، جڏهن ڪا هڪ ڌر پنهنجي موقف مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏي پر ڌرين موقف تان نه هٽڻ جو فيصلو ڪيو ته مسئلو پيدا ٿيندو.
اهڙي وي لاگ بعد ڪالھ 3 ڊسمبر تي به ابصار عالم صاحب وي لاگ ڪيو آھي، جنهن کي 2 ڊسمبر تي ڪيل وي لاگ جي حوالي سان وضاحتي وي لاگ چئجي ته درست ٿيندو. انهيءَ وي لاگ جو مقصد اهو واضح ڪرڻ محسوس ٿي رهيو آھي ته نواز شريف سان ويجهو هجڻ باوجود ابصار عالم سان نواز شريف جو ڪو رابطو نه ٿيو آھي. ابصار عالم ان کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ اهو به چيو آھي ته سندس والده آگسٽ مهيني ۾ فوت ٿي آھي. نواز شريف والده جي تعزيت لاءِ به کيس ميسيج نه ڪيو آھي. نه رڳو ايترو پر ابصار عالم اهو به چيو آھي ته ان جو ميان نواز شريف سان ته ڪو رابطو نه ٿيو آھي پر ان جي ڪنهن ويجهي ساٿيءَ سان به رابطو نه ٿيو آھي. ابصار عالم اگر اهي وضاحتون پي ٽي آءِ وارن ۽ ن ليگ جي ڪجھ اڳواڻن جي تنقيد سبب ڪري رهيو آھي ته پوءِ شايد 2 ڊسمبر وارو وي لاگ سندس لاءِ مسئلا پيدا ڪري پر اگر اهي وضاحتون کيس طاقتور ڌرين جي دٻاءَ بعد ڏيڻيون پيون آھن ته پوءِ مامرو وڏي گڙٻڙ وارو ٿي سگهي ٿو ۽ نواز شريف ڊان ليڪس بعد هاڻي ابصار عالم ليڪ جي حوالي سان مسئلا برداشت ڪري سگهي ٿو. اگر مامرو ائين هو ته پوءِ اهو عمران خان لاءِ اميد ڀريو مامرو ٿي سگهي ٿو پر ملڪ اندر وڏي سياسي اٿل پٿل جو مامرو بڻجي پڻ اڀري سامهون اچي سگهي ٿو. بهرحال ابصار عالم ٻه ڊسمبر واري وي لاگ بابت سڌ سماءَ جي وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آھي ته ابصار عالم بلڪل بي بنياد ۽ من گهڙت خبر ڏئي رهيو آھي. وزير اعظم سان ڪنهن به شئي کي منسوب ڪرڻ کان اڳ ان جي تصديق ڪرڻ جي زحمت ته ڪري ها. ايڏي وڏي صحافيءَ کي ان طرح جون افواهون ڦهلائڻ زيب نٿو ڏئي.
خير مامرو ڪجھ به هجي پر چيئرمين آف ڊفينس فورسز جي مقرري ۾ دير ٿيڻ واري مامري تي طرح طرح جون ڳالهيون گردش ڪن پيون. ڪي ته مٿي بيان ڪيل مامرن کان علاوه مسئلي جو سبب ڪو الڳ ئي بيان ڪن پيا. ڪي وري هن وقت اهو به چون پيا ته آرمي چيف جي مقرري ٽن سالن لاءِ ٿي هئي، ان جي مدي ۾ توسيع جو نوٽيفڪيشن به ٿيڻ گهرجي ها. ڪي وري عمران خان جي ملاقاتن تي بندش کي به ان مامري سان جوڙي رهيا آھن، جيئن جيل مان ٻاهر عمران خان جون هدايتون نه وڃي سگهن. خير مامرو ڪجھ به هجي، جيئن ابصار عالم جي ڳالهين کي ن ليگ جي قيادت سان جوڙڻ جا امڪان پيدا ٿي رهيا آھن. ائين سينيٽر فيصل واوڊا جي ڳالهين کي به ڪجھ ڌرين جي ترجماني تصور ڪيو ويندو آھي. موجوده حالتن جي تناظر ۾ ڪالھ فيصل واوڊا پاران ڪيل ٽوئيٽس ۾ ڪيل ڳالهيون گهڻو ڪجھ واضح ڪري رهيون آھن. ان ڪري ان جو ٽوئيٽ جيڪو “ايسي ڪي تيسي” جي عنوان سان جاري ڪيو ويو آھي. فيصل واوڊا جي ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آھي ته، “ذهني مريض، اکين کان انڌا ۽ ڪنن کان ٻوڙا ٻڌي ڇڏين ته بيمار ماڻهن کي آئين ۽ قانون جي مطابق فيملي کي ملاقات جي اجازت حال احوال لاءِ ۽ وڪيل کي ڪيس بابت ملڻ جي اجازت آھي. ڇا فيملي جون ملاقاتون به سياسي پيغام تي ٻڌل رهيون آهن؟ هاڻي کان پوءِ، انهن کي به روڪيو ويندو، ۽ جيڪڏهن وڪيل ڪيس کان سواءِ ڪو به سياسي پيغام ڏيندا آهن، ته انهن کي به روڪيو ويندو. سوڀ حاصل ڪندڙ فوج ۽ ان جي سپھ سالار بابت وڌيڪ بڪواس برداشت نه ڪئي ويندي. بلڪه، بڪواس ڪرڻ وارن جي زبان مان جوتي جو ترو ٺاهيو ويندو. اها ذهن جي گندگي آهي. بنا جواز ۽ بنا سبب اسان جي ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ ۽ اسان جي فوج کي بغير ڪنهن جواز ۽ سبب جي بدنام ڪرڻ جي سازش کي سختي سان روڪيو ويندو. اصولي طور تي، پيار لاءِ ٻيڻو پيار، عزت جي مطابق ٻيڻو احترام، بدمعاشي جو جواب ٻيڻي بدمعاشي آهي. ڀڙڪائيندڙ ڌر اسان کي هڪ اهڙي موڙ تي آڻي ڇڏيو آهي، جتان هاڻي واپس اچڻ مشڪل آهي. هاڻي ڪيس ۽ شيون انهن جي منطقي نتيجي تي پهچنديون. جيڪڏهن وڏي وزير انچ برابر به ڪا به وڌيڪ حرڪت ڪئي ته بچيل سچيل جيڪا سياست باقي رهجي وئي آھي، اها به گورنر راڄ سان ختم ٿي ويندي. 9 مئي جا دهشتگرد جيڪي ڪي پي ۾ لڪل آهن، انهن سميت، سڀني کي پنهنجو خير گهرڻ کپي. نوٽيفڪيشن ڪندڙن کي چيو ويو هو ته اهو جلد اچي رهيو آهي، هاڻي ان کي ويڙهي ڪري ڳلي مان ڪڍڻ لاءِ تياري ڪري وٺو”. فيصل واوڊا جو ٽوئيٽ ۽ ان جو لهجو حالتن ۽ پاليسيءَ بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿو.