ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) نوڪرين کان تنگ نوجوان فل ٽائيم اولاد بڻجڻ لڳا آهن، اهي نوجوان نوڪرين کان تنگ ٿي پنهنجي پرسڪون زندگي ڏانهن واپس اچي رهيا آهن
نوجوان نوڪرين بدران گهر کي ٽائيم ڏئي پنهنجي خرچ به پورا ڪري رهيا آهن، چين ۾ اهڙو سلسلو وڌي ويو آهي، نوڪريون ڇڏ گهر جا ڪم ڪندڙ پاڻ کي فل ٽائيم اولاد چئي رهيا آهن
گهڻي ڪم ۽ ٿڪاوٽ جي ڪري جولي پنهنجي نوڪري ڇڏي ڏني، جولي بيجنگ ۾ بطور گيم ڊولپر ڪم ڪندي هئي پر اپريل کان هوءَ فل ٽائيم ڌيءُ طور ڪم ڪري رهي آهي
29ورهين جي جولي هاڻي پنهنجي والدين لاءِ ٿانو ڌوئندي آهي، کاڌو ٺاهيندي آهي ۽ گهر جا ٻيا ڪم ڪندي آهي جولي جا والدين سندس روزمرهه جا خرچ پورا ڪندا آهن
جولي ماهوار 280 ڊالر جي آڇ قبول نه ڪئي، ڇو ته هن کي 16 ڪلاڪ جي نوڪري کان وقفو وٺڻو هو، جولي جو چوڻ آهي ته آئون هڪ گهمندڙ ڦرندڙ لاش هيس
سخت ڪم ۽ گهڻي وقت جي ڪم سبب نوجوان غيرمعمولي فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جولي گذريل ٻن هفتن ۾ 40 ملازمتن لاءِ اپلاءِ ڪيو پر صرف ٻن هنڌن تان کيس انٽرويو ڪال آئي، جولي انهن نوجوانن مان آهي جيڪي پاڻ کي فل ٽائيم اولاد چوندا آهن اهي گهر جي ڪم ۾ سڪون محسوس ڪري رهيا آهن
چين ۾ 16 کان 24 سا جي عمر جي وچ ۾ هر پنج مان هڪ شخص بيروزگار آهي، بيروزگاري جي شرح 21.3سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، چين ۾ ڪم ڪرڻ واري ڪلچر کي 996 چيو ويندو آهي يعني هفتي جا 6 ڏينهن صبح جو 9 کان رات جو 9 ڪلاڪ ڪم معمول سمجهيو ويندو آهي
چن دودو به فل ٽائيم ڌيءُ آهي، هو ريئل اسٽيٽ ۾ ڪم ڪندي هئي پر هن سال هن پنهنجي نوڪري ڇڏي ڏني ڇو ته هوءَ ٿڪاوٽ محسوس ڪري رهي هئي ۽ کيس اهو اندازو ٿيو ته سندس قدر به ناهي، چن دودو جو چوڻ آهي ته مسواڙ ڏيڻ بعد مشڪل سان ئي ڪجهه پئسا بچندا هئا
32ورهين جي زيڪ زينگ تازو ئي چين جي ٽيڪ ڪمپني ٽينسيننٽ کي ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته ڪم جي وقت کانپوءِ به تقريبن 7 هزار ميسيجز جو جواب ڏيڻو پوندو هو، ان ميسيجز کي اوور ٽائيم چيو ويندو آهي، پر ان جو معاوضو نه ملندو هو، ڪم جي ٿڪاوٽ جي ڪري هو بيمار ٿي پئي جنهن ڪري ملازمت ڇڏي ڏني
گذريل هفتي کان کان چين جي سوشل ميڊيا تي گريجوئيشن تصويرون شيئر ٿي رهيون آهن جنهن ۾ نوان گريجوئيٽس مايوس نظر اچي رهيا آهن، ڪجهه تصويرن ۾ نوجوانن کي پنهنجي ڳوٺ جي زمين تي ستل ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته ڪجهه نوجوان پنهنجي ڊگري ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي رهيا آهن
چين ۾ يونيورسٽي ۾ وڃڻ ڪنهن زماني ۾ اميرن جو ڪم سمجهيو ويندو هو پر 2012ع کان 2022ع جي وچ ۾ يونيورسٽين ۾ داخلائن ۾ 30 سيڪڙو کان 50 سيڪڙو اضافو ٿيو
نوجوانن مارڪيٽ ۾ نوڪرين لاءِ يونيورسٽي جي ڊگري کي اهم سمجهيو پر سٺي نوڪري جي اميدوارن کي ڪِرندڙ مارڪيٽ کان مايوس ڪري ڇڏيو، مارڪيٽ ۾ هڪ ڪروڙ 16 لک نوان گريجوئيٽس داخل ٿي رهيا آهن جنهن سان بيروزگاري اڃا وڌي ويندي
بي بي سي موجب جونز لينگ لاس ۾ گريٽر چائنا جي چيف اڪنامسٽ بروس پينگ جو چوڻ آهي ته ڪورونا کانپوءِ چين جي اميد کان وڌيڪ سست معاشي بحالي ان بيروزگاري جو ڪارڻ آهي، ڪمپنيون نون ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ ۾ گهٻرائي رهيون آهن
بي بي سي موجب چين جي حڪومت کي انهن سمورن مسئلن جو علم آهي پر هن پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مئي ۾ چيني صدر شي جن پنگ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي اخبار ۾ نوجوانن کي ڏکيائيون برداشت ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي
سرڪاري نشرياتي اداري بيروزگاري جي نئين معنيٰ متعارف ڪرائي ته سست روزگار، سرڪاري اخبار اڪنامڪ ڊيلي پاران چيو ويو ته چين ۾ ڪجهه نوجوان يقينن بيروزگار آهن پر ٻيا پاڻ ئي روزگار ڳولڻ ۾ سستي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، حالتون ڪيتريون به خراب هجن نوجوانن کي محنت ڪرڻي پوندي