| نوڪريون نه ملنديون: عورتن لاءِ ماهواري جي موڪل جي درخواست رد |
نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارت جي سپريم ڪورٽ نوڪري ڪندڙ عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ ماهواري جي موڪل جي درخواست رد ڪندي چيو آهي ته اهڙو قانون جوڙيو ويو ته ڪو به عورتن کي نوڪري تي نه رکندو. چيف جسٽس سوريا ڪانگ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ چيو ته لازمي موڪل عورتن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪندي ته اهي مرد ساٿين جي برابر نه آهن ۽ ان سان سندن ترقي جا موقعا به متاثر ٿيندا. ڀارت جي ڪجهه رياستن ۽ نجي ڪمپنين عورتن لاءِ ماهواري جون ٻه موڪلون منظور ڪيون آهن.