| “نوڪريون ڏيو” آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو لاڙڪاڻي کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو تائين مارچ |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سال 2021ع دوران آءِ بي اي ذريعي پي ايس ٽي ۽ جي اِي ايس ٽي جي نوڪرين لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن طرفان آفر آرڊر نه ملڻ خلاف لاڙڪاڻو پريس ڪلب کان هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو شهيدن جي مزارن ڏانهن پيادل مارچ ڪيو ويو، پيادل قافلو نڪرڻ کان اڳ ۾ اميدوارن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي صدام سانڊاڻو، عبدالغفار مغيري، فريد عباسي، جميل ڀٽو، محمد سليم مستوئي، فائزه سومرو، مريم عباسي ۽ ٻين چيو ته تعليم کاتي طرفان سال 2021ع ۾ پي ايس ٽي ۽ جي اِي ايس ٽي استادن جي ڀرتين لاءِ آءِ بي اي ذريعي ٽيسٽ ورتي وئي، جنهن ۾ اسان 40 کان مٿي مارڪون حاصل ڪري ميرٽ تي پاس ٿياسين، پر اسان 40 پلس وارن اميدوارن کي ويٽنگ لسٽ تي رکي هن وقت تائين آفر آرڊر نه ڏئي وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي،احتجاج جو ڪوبه نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن ڪري مجبور ٿي اسان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو طرف پيادل مارچ ڪري شهيدن کي دانهن ڏيڻ لاءِ نڪتا آهيون، جتي پرامن ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويندو.