| نوڪريون ڏيو: آءِ بي اي پاس اميدوارن جو سي ايم هائوس ڏانهن مارچ: چڪريون : ڪيترا ئي گرفتار |
ڪراچي(رپورٽ: الطاف چنا) آءِ بي اي پاس اميدوارن جو سي ايم هائوس ڏانهن مارچ: چڪريون: ڪيترا گرفتار، ان ڏس ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان 5 کان 15گريڊ تائين جي نوڪرين لاءِ ڪراچي پهتل، آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو، اميدوارن پاران پريس ڪلب کان سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تان اميدوارن ۽ پوليس وچ ۾چڪريون ٿيون، پوليس ڪيترن ئي اميدوارن کي حراست ۾ وٺي مختلف ٿاڻن تي منتقل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن احتجاج ڪندڙ اميدوارن چيو ته 3 لکن کان وڌيڪ اميدوارن ٽيسٽ ڏني هئي، کين اڍائي سالن کان نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن، نوجوانن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، ميرٽ بجاءِ پيسن عيوض نوڪريون ڏنيون پيون وڃن، هنن چيو ته بيروزگاري سبب ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ٽيسٽ پاس اميدوارن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٻي صورت احتجاج جاري رکيو ويندو