نوڪريون ڏيو: بدين ضلعي جا جيالا سراپا احتجاج، ريليون ۽ ڌرڻا، شهيدن جي مزارن تي پاڻ ساڙڻ جي ڌمڪي

نوڪريون ڏيو: بدين ضلعي جا جيالا سراپا احتجاج، ريليون ۽ ڌرڻا، شهيدن جي مزارن تي پاڻ ساڙڻ جي ڌمڪي

ماتلي/ٽنڊو باگو (نمائندن وٽان) بدين ضلعي جي ماتلي ۽ ٽنڊي باگي جي  پيپلز پارٽي جي جيالن ھڪ کان چار گريڊ جي نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف مسلسل سراپا احتجاج بڻجي ويا، احتجاجي ريليون ۽ ڌرڻا هنيا ويا، ڳڙھي خدا بخش ۾ شھيدن جي مزار اڳيان پاڻ ساڙڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، يونين ڪائونسل ملھڻ انفارميشن سيڪريٽري ذوالفقار سومرو تعلقي ماتلي جي انفارميشن سيڪريٽري علي محمد ترڪ، نياز پرديسي لنڊ ۽ پ پ ڪارڪنن ريلي ڪڍي سٽي پريس ڪلب جي صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته چونڊيل نمائندن ھڪ کان چار واري نوڪرين جي آڊر ۾ پھرين حق اسان جو آھي آڊرن واري لسٽ ۾ ھڪ به نالو نه آھي ۽ پ پ ايم اين ۽ ايم پي اي کي ڪالون پيا ڪريون فون کڻڻ لاء تيار به ناھن اسان پ پ جا پراڻا جيالا آھيون، وڏي ناانصافي ڪئي ويئي آھي ھنن چونڊيل,نمائندن ۽ ڊي سي بدين تي الزام ھڻندي چيو ته انھن ماڻھن کي آڊر ڏنا ويا آھن جن جو پ پ سان تعلق ئي نه رھيو آھي نوڪريون پئسن تي وڪرو ڪيون ويون آھن احتجاج ڪندڙن پ پ جيالن پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو سميت اعلي قيادت کان گھر ڪئي آھي کين نوڪرين جا آڊر جاري ڪري ساڻن انصاف ڪريو ٻئي صورت ۾ ڳڙھي خدا بخش ۾ شھيد جي مزار اڳيان پاڻ کي ساڙڻ جو چتاء ڏنو آھي ۽ ان جا ذميوار پ پ بدين ضلعي جا چونڊيل نمائندا ۽ ڊي سي بدين ھوندا، ٽنڊي باگي ۾ به پ پ جي جيالن احتجاج ڪيو، جيالي ڪامريڊ محمد خان انڙ ٽنڊوباگو پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي پارٽي جي تنظيم ۽ پارٽي قيادت وٽ سچن ڪارڪنن جي ڪابه اهميت نه رهي آهي. پيپلزپارٽي پارٽي اڳي ڪارڪنن جي پارٽي هوندي هئي هاڻي پيپلزپارٽي وڏيرن جي پارٽي ٿي وئي آهي. هن چيو ته هڪ کان پهرين گريڊ جي نوڪرين واري لسٽ ۾ منهنجي پٽ جو نالو شامل هو پر هن وقت منهنجي پٽ جو نالو لسٽ مان ڪٽيو ويو آهي. سومر تائين منهنجي پٽ کي نوڪري جو آرڊر نه مليو ته سومر ڏينهن ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال جو سلسلو شروع ڪندس، هن اهو پڻ اعلان ڪيو ته هڪ هفتي بعد شهيد بينظير ڀٽو جي قبر اڳيان پاڻ کي باھ ڏئي ساڙيندس.