نوڪري بچائڻي آهي ته وزن گھٽايو: آف شور ڪمپني جو ملازمن کي انوکو حڪم

نوڪري بچائڻي آهي ته وزن گھٽايو: آف شور ڪمپني جو ملازمن کي انوکو حڪم

لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز)  اترئين سمنڊ ۾ آف شورل تيل جي کوهن تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي انتطاميا انوکو حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اوهان کي نوڪري بچائڻي آهي ته پنهنجو وزن گھٽايو. ڪمپني انتظاميا موجب جن ملازمن وزن نه گھٽايو ته اهي آف شور پليٽ فارم تائين وڃن جا اهل نه رهندا ۽ ائين انهن جون نوڪريون خطري ۾ پئجي سگھهن ٿيون. برطانوي ڪمپني آف شور انرجيز يوڪي (او اِي يو ڪَي) اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ سال نومبر کان سمنڊ ۾ موجود تيل جي کوهن تي ويندڙ مزدورن جي ڪپڙن سميت وڌ کان وڌ وزن 124.7 ڪلو گرام هجڻ گھرجي، ته جيئن هنگامي صورت ۾ انهن کي هيلي ڪاپٽرن ذريعي محفوظ طريقي سان کڻي سگهجي. برطانوي ڪوسٽ گارڊ موجب ريسڪيو هيليڪاٽر تي لڳل وِنچ 249 ڪلو گرام وزن کڻي سگهي ٿي، جنهن ۾ هڪ ريسڪيو ورڪر (90.3 ڪلوگرام)  هڪ اسٽريچر (29 ڪلو گرام) ۽ بچاءُ جا سامان (5 ڪلو گرام) جووزن به شامل هوندو آهي. او اِي يو ڪي جو چوڻ آهي ته هن وقت 2 هزار 200 کان وڌيڪ مزدور وزن جي مقرر ڪيل حد کان وڌيڪ وزن رکندڙ آهن ۽ جيڪڏهن انهن وزن نه گھٽايو ته انهن کي پنهنجي نوڪرين تان هٿ کڻڻو پوندو. اها نئين پاليسي ميري ٽائيماينڊ ڪوسٽ گارڊ ايجنسي جي ان وارننگ کان پوءِ سامهون آئي آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته ريسڪيو  وِچز ڳرو وزن محفوظ طريقي سان نٿا کڻي سگهن، جيڪو ڪنهن هنگامي صورت ۾ حادثي جو سب بڻجي سگهي ٿو. برطانوي نشرياتي اداري موجب انگن اکرن مطابق 2008 کان پوءِ کان آف شور مزدورن جو وزن في ڪس 10 ڪلو گرام وڌيڪ چڪو آهي.