| نوڪري لاءِ ويل نياڻي جي تذليل، ڌڪا، ايم پي اي تي الزام |
بدين (رپورٽر) بدين شھر پير عالي شاھ ڪوٽ جي رھواسڻ جنت شيخ موجب ته سنڌ حڪومت پاران گريڊ ون کان گريڊ چار تائين وارين سوين نوڪرين جا آفر ارڊر ڏيڻ بعد آئون بدين وارڊ نمبر 7 جي رھواسڻ 500 جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکندڙ شيخ محمد سومار جي پڙھيل لکيل نوجوان بيروزگار ڌئ آھيان جيڪا پنھنجا ضروري ڪاغذات ۽ درخواست کڻي پنھنجي تڪ جي چونڊيل ايم پي اي تاج محمد ملاح جي ڪينٽ روڊ واري گھر پھتيس جتي مون ايم پي اي بدين کي عرض ڪندي چيو ته آئون نالي واري ليکڪ شيخ سومار جي ڌئ آھيان ۽ توھانجي ووٽر به آھيان اسان شيخ برادري توھان کي ووٽ ڏنا آھن آئون ۽ منھنجو ڀاء بي روزگار آھيون ھن وقت توھان سوين آفر آرڊر ڏئي رھيا آھيو اسان کي به ڏيو جنھن تي ايم پي اي بدين تيز لھجي ۾ چيو ته اسان نوڪريون ورھايون ٿوري پيا جيڪو اوھان کي ڏيون، جنت شيخ موجب جنھن بعد مون ايم پي اي بدين جي پيرن تي ھٿ رکي چيو ته اسان غريبن تي رحم ڪريو ڀلا ھڪڙو آرڊر ڏيو جنھن بعد ايم پي اي بدين تاج محمد ملاح سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ مون کي پنھنجي ماڻھن ھٿان ڌڪا ڏيارائي ٻاھر ڪڍرائي ڇڏيو، جنھن بعد آئون روئيندي پنھنجي گھر پھتيس ۽ مون سخت ڏک ۽ تڪليف ۾ پوسٽ شيئر ڪري ڇڏي جنھن کان پوء شھر جي بااثر ماڻھن معرفت مون کي ۽ منھنجي سڄي خاندان کي ماٺ رھڻ لاء ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، ۽ ٻاھر نڪرڻ به نٿا ڏين، ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي پيپلز پارٽي ضلع بدين جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر سجاد چانڊيو ڳالھائيندي چيو ته آئون ۽ ضلع صدر علي اصغر ھاليپوٽو ڪراچي ۾ پارٽي جي گھرايل اھم ميٽنگ ۾ ويل ھئاسين ھاڻي واپس ٿيا آھيون، اسان ايم پي اي بدين تاج محمد ملاح ۽ شيخ سومار جي ڌئ جنت شيخ واري معاملي جي جانچ به ڪريون ٿا