| نوڪري ڏيو: جيڪب آباد ۾ زمين ڏيندڙ پيرسن اسڪول کي تالو هڻي ڇڏيو |
جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي ڪريم آباد پاڙي ۾ قائم ٿيل گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول زرڪ خان ڊومڪي کي اسڪول تعمير ڪرائڻ لاءِ پلاٽ ڏيندڙ پيرسن شخص حسين بخش ڊومڪي اسڪول کي تالو هڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ سوين شاگرد درسگاهه بند ٿيڻ سبب پريشان ٿي ويا آهن اسڪول ٻاھران بيٺل شاگردن ڳالهائيندي چيو ته اسڪول بند ٿيڻ سبب اسان جو تعليم متاثر ٿي رهيو آهي پيرسن جي پٽ کي نوڪري ڏئي اسڪول کولي بحال ڪرايو وڃي جيئن تعليم حاصل ڪري سگهون اسڪول جي هيڊ ماستر راشد ڪلهوڙو ٻڌايو ته صبح جي وقت اسڪول پهتاسين ته اسڪول کي ٻيا تالا لڳل هئا اسڪول کي زمين ڏيندڙ پيرسن حسين بخش ڊومڪي به موجود هيو جنهن چيو ته اسڪول کولڻ نه ڏيندس ڇو ته تعليم کاتي جي اختيارين مون سان نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو جيڪو پورو نه ٿي سگهيو آهي هن چيو ته پيرسن جو مطالبو پورو ڪري اسڪول کولرائي ڏنو وڃي ان سلسلي ۾ پيرسن حسين بخش ڊومڪي دانهيندي چيو ته 24 سال اڳ 8 هزار فوٽ پنهنجي کاتي واري زمين اسڪول لاءِ ڏني هئي تعليم کاتي جي اختيارين اهو واعدو ڪيو هو ته تنهنجي پٽ ۽ ڀائيٽي کي پٽيوالي ۽ چوڪيداري جي نوڪري ڏني ويندي پر 24 سال گذري ويا نوڪريون نه مليون آهن هاڻي اسڪول کي خالي ڪرائي اهو پلاٽ وڪرو ڪندس ۽ نوجوانن کي روزگار سان لڳائيندس ان حوالي سان ڊي اي او سيڪنڊري محمد اسماعيل ٻرڙو ٻڌايو ته پيرسن کي يقين ڏياريو ويو ته نوڪرين جي درخواست وٺڻ جو سلسلو جاري آهي جلد اوھان جي نوجوانن کي واعدي مطابق لوئر اسٽاف جون نوڪريون ڏنيون وينديون هوڏانهن ميڊيا تي اسڪول کي تالا لڳائڻ واري خبر ميڊيا تي نشر ٿيڻ کانپوءِ صوبائي وزير تعليم نوٽيس وٺي لاڳاپيل اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي