”نو مور فھميده لغاري“ ھراسمينٽ سبب ٿيندڙ خودڪشيون قتل آھن، سماج کي متحرڪ ٿيڻو پوندو: مقرر

  ”نو مور فھميده لغاري“ ھراسمينٽ سبب ٿيندڙ خودڪشيون قتل آھن، سماج کي متحرڪ ٿيڻو پوندو: مقرر

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي خانگي ڪاليج اندر ھراسمينٽ بعد آپگھات ڪندڙ شاگردياڻي فھميدا لغاري بابت ڪانفرنس ٿي، مقررين چيو آھي ھراسمينٽ سبب ٿيندڙ خودڪشيون قتل آھن، اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سماج کي متحرڪ ٿيڻو پوندو، نياڻين کي سماجي دٻاءَ کي مُنھن ڏيڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي تربيت ڏيڻي پوندي، خبر موجب ميرپورخاص جي خانگي يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاليج اندر استادن ۽ شاگردن ھٿان ھراسمينٽ سبب آپگھات ڪندڙ ميڊيڪل جي شاگردياڻي فھميدا لغاري جي ڪيس بابت ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنھن ۾ فھميدا ھي وارثن سميت لاھور، ڪراچي، حيدرآباد، عمرڪوٽ، سکر، خيرپور سميت سنڌ جي مختلف علائقن کان آيل مختلف مڪتبھ فڪر سان لاڳاپيل ساڃاھ وندن شرڪت ڪئي.ڪانفرنس کي خطاب ڪندي لاھور کان آيل ھيومن رائيٽس محمد تحسين، ھيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرمين قاضي خضر حيات چيو تھ ھاڻ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اھا تحريڪ ھلڻ گھرجي تھ يعني ھاڻ ھن قسم جو ھي آخري ”نو مور فھميدا لغاري“ واقعو ھجڻ گھرجي، ھاڻ اسان کي اجازت نھ ڏيڻ گھرجي تھ اسان جي ڪا نياڻي ھن طرح موت جي مُنھن ۾ وڃي. ھنن چيو تھ گڏيل قومن جو انساني حقن بابت چارٽر ۽ اسان جي ملڪ جو آئين ان ڳالھ جي اجازت نھ ٿو ٿئي تھ ڪو اسان کي ھراسان ڪري يا اسان مٿان ٽارچر ڪري. ھنن چيو تھ بدقسمتي اھا آھي تھ جن کي ادارن کي اسان کي تحفظ ڏيڻو آھي، اھي وري اسان مٿان ڏنڊو کڻي بيٺل ھجن ٿا. ھنن چيو تھ اسان فھميدا جي ڪيس کي کڻنداسين تھ جوابدارن کي سزا ڏيارينداسين. اڳواڻن چيو تھ اسان کي ھيڪ، پي ايم ڊي سي ۽ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت تي دٻاءُ وجھڻ گھرجي تھ اھي انھن تعليمي ادارن سميت ڪارخانن ۽ آفيسنن ۾ اينٽي ھراسمينٽ ڪميٽين کي فنڪشنل ڪن تھ جيئن عورتن سان اھڙا واقعا پيش نھ اچن. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌو چيو تھ سنڌ ۾ آئي ڏينھن اھڙا واقعا ظاھر ڪن ٿا تھ اسان وٽ قانون جي حڪمراني ناھي. ھن چيو تھ فھميدا جي وارث لاڳاپيل يونيورسٽي ۾ شڪايت ڪئي ھئي پر اتي ڪو اھڙو نظام نھ ھو جو فھميدا جي داد رسي ٿي سگھي ھا، نتيجي ۾ ھن کي پنھنجو پاڻ کي مارڻو پيو.ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مير مظھر ٽالپر، ڪالم نگار مير حسن آريسر، شاعر جاويد سوز ھالائي چيو تھ سنڌ ۾ ھن وقت وڏي عرصي کان عورتن جي قتلن ۽ تشدد جا واقعا ٿي رھيا آھن، جنھن سبب سنڌ ھن وقت ھڪ مقتل گاھ بڻيل آھي. ھنن چيو تھ سنڌ ۾ ھاڻ ڪارنھن جا قتل ڪاروبار بڻجي چڪا آھن. ھنن چيو تھ اسان جون نياڻيون ھوشيار آھن، پر اسان کي مردن جي تربيت ڪرڻي پوندي تھ اھي نياڻين سان اڍنگو رويو نھ رکن. ھنن چيو تھ 2010ع جي ايڪٽ تحت ھر ان جاءِ تي اينٽي ھراسمينٽ ڪميٽي جُڙڻي آھي، جتي عورتون ڪم ڪن ٿيون پر بدقسمتي سان اسان جي وڏن وڏن تعليمي ادارن ۾ بھ اھڙيون ڪميٽيو ناھن جُڙيل، جنھن سبب آئي ڏينھن نياڻين سان اھڙا واقعا ٿين ٿا. ھنن چيو تھ اھڙيون خودڪشيون اصل ۾ خودڪشيون نھ پر قتل آھن.. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فھميدا لغاري جي والد انتظار لغاري، امڙ عابدا پروين، ڀيڻ مھڪ ۽ مامي مصدق چيو تھ اسان پنھنجي نياڻي کي ڊاڪٽر بڻائڻ پئي چاھيو پر ظالمن اسان کي وقت کان اڳ ئي کيس لاش جي صورت ۾ اسان جي حوالي ڪيو آھي. ھنن چيو تھ اسان جي نياڻي تھ وئي ھلي پر اسان چاھيون ٿا تھ ڪنھن ٻي نياڻيءَ سان اھڙو واقعو نھ ٿئي، ان ڪري فھميدا ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ملڻ گھرجي تھ جيئن ٻيون نياڻيون بچي سگھن. ڪانفرنس ۾ فھميدا جي فوٽوز ۽ وڊيوز تي ٻڌل شارٽ اسٽوري ڏيکاري وئي، جنھن تي سندس وارث اوڇنگارون ڏئي روئيندا رھيا، جنھن سبب ڪانفرنس ۾ موجود ھر ماڻھو جي اک آلي ٿي وئي.