نو ڏينهن اڳ انڊس هاءِ وي تان اغوا ٿيل غوثپور واسي 3 واپاري نتيش ڪمار، سنجي ڪمار ۽ نتيش گيهاڻي بازياب
جُولاءِ 6, 2024
غوثپور واسين جي احتجاجي تحريڪ رنگ لاتو، 9 ڏينهن اڳ انڊس هاءِ وي تان اغوا ٿيل غوثپور واسي 3 واپاري نتيش ڪمار، سنجي ڪمار ۽ نتيش گيهاڻي بازياب، ايس ايس پي بشير بروهي جو چوڻ آهي ته دراني مهر جي ڪچي ۾ آپريشن دوران بدنام ڌاڙيل اِمدُو ڀيو جي مارجي وڃڻ بعد ڌاڙيل مغوين کي ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس پهچي وئي، مقابلي دوران ٽنهي مغوين کي بازياب ڪرايو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ڌاڙيلن جي ڪجهه عورتن ۽ جوابدارن کي حراست ۾ ورتو هو، هڪ بااثر جي ٽياڪڙي سان ٿيل ڊيل تحت ڌاڙيلن جي گرفتار ڪيل عورتن ۽ جوابدارن کي ڇڏيو ويو، ڌاڙيلن به مبينا ڊيل تحت ٽنهي مغوي واپارين کي ڇڏي ڏنو، ايس ايس پي بشير بروهي بازياب ڪرايل نتيش ڪمار، سنجي ڪمار ۽ نتيش گيهاڻي کي پنهنجي گاڏيءَ ۾ کڻي غوثپور ڏانهن روانو، ٽنهي واپارين جي آزاديءَ لاءِ هندو پنچائت جي سڏ تي غوثپور شهر 8 ڏينهن تائين بند رهيو، شهرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا به هنيا ويا، گذريل ڏينهن هندو پنچائت جي ڪٺ دوران مغوين جي وارث عورتن ايم اين اي شبير بجاراڻي آڏو جهوليون جهلي مغوي بازياب ڪرائڻ جي اپيل ڪئي هئي