نيب آفيسرز اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائي وڊيو ٺاهي، طيبه گل جي الزامن تي جاويد اقبال ۽ ٻيا طلب

جنوري 6, 2024

نيب آفيسرز اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائي وڊيو ٺاهي ڇڏي:طيبه گل عورتن بابت محتسب واري اداري ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، طيبه گل جي الزامن تي نيب جو اڳوڻو چيئرمين جاويد اقبال ۽ ٻيا طلب، طيبه گل 2022ع ۾ نيب جي اڳوڻِ چيئرمين جاويد اقبال ۽ ٻين خلاف درخواست داخل ڪئي هئي، طيبه گل کي هراسان ڪرڻ، زيادتي جو نشانو بڻائڻ ۽ قيد ۾ رکڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڏيڍ سال بعد محتسب اداري جي چيئرپرسن فوزيه وقار ڪئي، درخواست گذار طيبه گل پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته جاويد اقبال درخواست ٻڌڻ لاءِ غيراخلاقي حرڪتون ڪرڻ جو چيو، جاويد اقبال بليڪ ميل ڪيو، غير اخلاقي حرڪت نه ڪرڻ تي ڪيس نه ٻڌڻ جي ڌمڪي ڏني، شهزاد سليم جاويد اقبال جي چوڻ تي منهنجي خلاف ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ۽ مون کي گرفتار ڪيو، نيب جو جاچ آفيسر عمران ڊوگر گرفتار ڪري لاهور کڻي ويو‏، جتي هراسان ڪيو ويو، عمران ڊوگر ٻين نيب آفيسر سان گڏجي اجتماعي زيادتيءَ جو نشانو بڻايو ۽ وڊيو به ٺاهي، منهنجي مڙس کي خاموش رهڻ جو چيو ويو ٻي صورت ۾ وڊيو وائرل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، جاويد اقبال، شهزاد سليم، عمران ڊوگر ۽ ٻين خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي استدعا، محتسب اداري طيبه گل جي بيان بعد نيب جي اڳوڻي چيئرمين جاويد اقبال سميت 12 ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪندي 16 جنوري تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو

Leave A Comment