نيب جي العزيزيه ريفرنس واپس اماڻڻ جي استدعا رد، نواز شريف جي سزا خلاف اپيل ميرٽ تي ٻڌڻ جو فيصلو

ڊسمبر 7, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه ريفرنس تي اپيل ميرٽ تي ٻڌڻ جو فيصلو ڪري ورتو، عدالت نيب جي ڪيس احتساب عدالت رمانڊ بيڪ ڪرڻ ۽ ريفرنس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي

 عدالت مرحوم جج ارشد ملڪ جي وڊيو عدالت ۾ هلائڻ جو به اشارو ڏئي ڇڏيو، عدالت نواز شريف پاران جج وڊيو اسڪينڊل ڪيس ۾ درخواست جي پيروي نه ڪرڻ جي استدعا منظور ڪري ورتي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۽ نواز شريف جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن ڪئي، نواز شريف جو وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ ۽ نيب پراسيڪيوٽر به عدالت ۾ پيش ٿيا

امجد پرويز ايڊووڪيٽ چيو ته نيب سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي ريفرنس داخل ڪيا، جن ۾ هڪ جهڙو الزام هو، فليگ شپ ريفرنس ۾ احتساب عدالت نواز شريف کي آزاد ڪري ڇڏيو هو پر هڪ ئي الزام تي الڳ الڳ ريفرنس داخل ڪيا ويا، اسان درخواست ڏني هئي ته هڪ الزام تي رڳو هڪ ئي ريفرنس داخل ٿيڻ گهرجي ها، عدالت ان وقت چيو هو ٽرائل الڳ الڳ ٿي رهيو آهي پر فيصلو گڏ ٻڌايو ويندو

 هن چيو عدالت کي ڏسڻو آهي ته پراسيڪيوشن ان ڪيس ۾ لاڳو الزام کي ثابت ڪيو يا نه؟، جنهن تي چيف جسٽس چيو اهو ٻڌايو ته ان ڪيس ۾ الزام ڪهڙو هو؟ نواز شريف جي وڪيل ٻڌايو ته ان ريفرنس ۾ به آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام هو، ان ڪيس ۾ 22 شاهد آهن، جن مان اڪثر رڪارڊ بابت شاهد آهن، 22 مان 13 شاهدن رڳو بئنڪن جو رڪارڊ پيش ڪيو، اهي اکين ڏٺا شاهد ناهن، 5 شاهد سيزر ميمو جا آهن، 2 شاهد ڪال اپ نوٽيس کڻي ويندڙ هئا

وڪيل چيو ته العزيزيه اسٽيل ملز 2001 ۽ هل ميٽل اسٽيبلشمينٽ 2005 ۾ ٺاهي وئي، جڏهن العزيزيه ملز لڳائي وئي ته حسين نواز جي عمر 28 سال هئي، نواز شريف جو اهو ڪيس گذريل ڪيس کان به بهتر آهي ته هو ان عرصي ۾ پبلڪ آفيس هولڊر به نه هو

نيب پراسيڪيوٽر چيو اهي ميرٽس تي بحث ڪري رهيا آهن، انهن جون ڪجهه الڳ درخواستون به آهن، يا ته اهي پنهنجون درخواستون واپس وٺن، جنهن تي وڪيل چيو ته ها جج جي وڊيو بابت درخواستون آهن

 نيب پراسيڪيوٽر چيو ان بابت مريم نواز به پريس ڪانفرنس ڪئي هئي ۽ معاملو سپريم ڪورٽ ويو هو، نواز شريف جي وڪيل چيو ته ڪيس ۾ مرحوم جج ارشد ملڪ ٽرائل مڪمل نه ڪيو، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر اعتراض ڪيو ته العزيزيه ريفرنس جي ميرٽس تي دليلن کان اڳ درخواست کي ٻڌو وڃي

وڪيل امجد پرويز چيو ته جج ارشد ملڪ زنده ناهي ان خلاف درخواست جي پيروي نه ڪرڻ جي هدايت آهي، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن جج جو ڪنڊڪٽ هن ڪيس جي فيصلي وقت ٺيڪ نه هو ته ان جا اثر ٿيندا، اوهان فيصلو ڪريو ته اوهان چاهيو ٿا ته اسان درخواست ٻڌون ٿا؟، هتي اسڪرين لڳائينداسين وڊيو به هلائينداسين پر اها ڳالهه ياد رکو ته هي ٻه منهين واري تلوار به ثابت ٿي سگهي ٿي

جسٽس ميان گل حسن چيو ته ٻه آپشن آهن ڪيس رمانڊ بيڪ ڪري احتساب عدالت کي اماڻيون يا ميرٽس تي ٻڌي فيصلو ڪريون، عدالت پاڻ ميرٽ تي فيصلو ڪري يا ٻيهر فيصلي لاءِ رمانڊ ڪري، عدالت اُنهن مان پهريون آپشن اختيار ڪندي

وڪيل امجد پرويز اپيل ٻڌي فيصلو ڪرڻ جي استدعا ڪئي، پراسيڪيوٽر مخالفت ڪئي، نواز شريف جي وڪيل جا ميرٽس تي دليل مڪمل ٿي ويا، ايندڙ ٻڌڻي تي نيب پراسيڪيوٽر دليل ڏيندو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ملز ريفرنس ميرٽ تي ٻڌڻ جو فيصلو ڪندي ڪيس ٻيهر ٻڌڻي لاءِ احتساب عدالت موڪلڻ جي نيب جي اپيل رد ڪري ڇڏي

 عدالت نواز شريف پاران جج وڊيو اسڪينڊل ڪيس ۾ درخواست جي پيروي نه ڪرڻ جي استدعا منظور ڪري ورتي

Leave A Comment