نيب قانون ۾ ترميم ڪيس: رٽائر ٿيڻ کان اڳ هر صورت فيصلو ڏيندس، نه ته اهو منهنجي لاءِ شرمندگي جو سبب هوندو: چيف جسٽس

آگسٽ 18, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته نيب قانون ۾ ترميم خلاف رٽائر ٿيڻ کان اڳ هر صورت فيصلو ڏيندس، نه ته اهو منهنجي لاءِ شرمندگي جو سبب هوندو

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ترميمن خلاف پي ٽي چيئرمين جي درخواست تي سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ ٻڌني ڪئي

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته نيب جي ترميمن خلاف ڪيس تمام وڏو ۽ اهم آهي، رٽائر ٿيڻ کان اڳ مون کي هر صورت ۾ ان جو فيصلو ڏيڻو پوندو، فيصلو نه ڏئي سگهيس ته اهو منهنجي لاءِ شرمندگيءَ جو سبب هوندو

جسٽس منصور علي شاهه ٻڌڻي ڪندي بينچ تي اعتراض اٿاري ڇڏيو، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر جي ايڪٽ سيڪشن 3 ۽ 4 تحت هي ڪيس گهٽ ۾ گهٽ 5 رڪني بينچ ٻڌي سگهي ٿي ، منهنجي تجويز آهي ته هن ڪيس ۾ فل ڪورٽ جوڙي وڃي

، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته 28 آگسٽ کانپوءِ روزاني بنياد تي ڪيس ٻڌنداسين، ڌريون ايندڙ ٻڌڻي تي حتمي دليل ڏين، هي ڪيس 2022ع کان ٻڌڻي هيٺ آهي، ضروري ناهي ته ڪيس جي ميرٽس تي فيصلو ڏيون، نيب ترميمن خلاف داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ بابت به فيصلو ڏئي سگهون ٿا، 2023ع ۾ نيب قانون ۾ ترميمون ڪيون ويون، ترميمن کي اسان سامهون ڪنهن چيلنج ئي نه ڪيو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment