| نيب پاران ملير ۽ لياري اٿارٽي خلاف جاچ شروع |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيب ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي۽ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي خلاف مختلف شڪايتن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. نيب کي شهرين کي شڪايت ڪئي هئي ته نيو ملير هائوسنگ اسڪيم-ون ۽ هاڪس بي اسڪيم-42 جا هزارين الاٽيز گذريل 30 سالن کان مڪمل ادائيگيون ڪرڻ باوجود به بي گهر آهن، کين قبضو فراهم نه ڪيو ويو آهي. نيب ڪراچي شڪايتن جو شروعاتي جائزو وٺڻ بعد سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ قائم اسڪروٽني ڪاميٽي کان باضابطه رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي۔ نيب چيو آهي ته لاڳاپيل ڪاميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها 60 ڏينهن اندر تفصيلي رپورٽ پيش ڪري. نيب جي بيان موجب شڪايتن ۾ الزام هنيو ويو آهي ته سرڪاري طور منظور ٿيل ٻنهي وڏين هائوسنگ اسڪيمن جا الاٽيز 3 ڏهاڪن کان قبضو ملڻ جي انتظار ۾ آهن، اهو عمل انتظامي ناڪامي، سنگين لاپرواهي ۽ بدانتظامي کي ظاهر ڪري ٿو