نيب پاران ڪراچي جي 18 ڪمرشل سميت 200 پراجيڪٽس جي جاچ شرع: رڪارڊ طلب   

نيب پاران ڪراچي جي 18 ڪمرشل سميت 200 پراجيڪٽس جي جاچ شرع: رڪارڊ طلب   

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ غير قانوني اڏاوتن بابت نيب جي جاچ تيز، 200 کان وڌيڪ منصوبن جا تفصيل طلب،ان ڏس ۾ نيب ڪراچي ۾ ڪمرشل ۽ رهائشي منصوبن جي غير قانوني اڏاوتن بابت جاچ ۾ تيزي آندي آهي، جنهن تحت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل آغا مقصود عباس سميت ٻين آفيسرن خلاف انڪوائري جاري آهي، نيب طرفان جاري ڪيل ڪال اپ نوٽيس موجب ڪراچي ۾ 18 وڏن ڪمرشل ۽ رهائشي منصوبن سميت 200 کان وڌيڪ پراجيڪٽس جي جاچ ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ اٿارٽي جي  اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي لاڳاپيل رڪارڊ، اپروول، چالان في، ڪمپليشن سرٽيفڪيٽ، اڏاوتي خلاف ورزين ۽ قومي خزاني کي ٿيل امڪاني نقصان بابت مڪمل تفصيل فراهم ڪن،نيب پاران ايس بي سي اي کي باقاعده پروفارما ۽ پلاٽن جي فهرست موڪلي وئي آهي، جڏهن ته گڏيل جاچ ٽيم (CIT) اڳيان پيش ٿيڻ لاءِ به چيو ويو آهي۔ خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لاڳاپيل آفيسر رڪارڊ سميت نيب آفيس ۾ پيش ٿين، ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، ٻئي طرف  ايس بي سي اي جي فوڪل پرسن ڊپٽي ڊائريڪٽر ايم سجاد طرفان ڪراچي جي سمورن ضلعن (ايسٽ، ڪورنگي، ملير، سائوٿ، سينٽرل، ويسٽ ۽ ڪيماڙي) جي ڊائريڪٽرن، ون ونڊو سيل ۽ سنگل ونڊو فيسلٽي کي لکت ۾ حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته اهي گهربل معلومات 30 مارچ تي شام 5 وڳي تائين فراهم ڪن،  واضح رهي ته نيب گذريل مهيني به ايس بي سي اي کي خط لکي غير قانوني ڪمرشل تعميرن بابت رڪارڊ طلب ڪيو هو، جنهن کانپوءِ هاڻي جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي