نيتن ياهو جي ڦٽل: موساد سربراهه ڪاوڙيل، اجلاسن مان غائب

  نيتن ياهو جي ڦٽل: موساد سربراهه ڪاوڙيل، اجلاسن مان غائب

تهران/واشنگٽن(م ڊ) ايران اندر بغاوت جي ناڪامي بعد نيتن ياهو ۽ موساد جي سربراهه وچ ۾ اختلاف وڌي ويا آهن. موساد سربراهه  ڊيوڊ بارنيا هفتي دوران نيتن ياهو سان ڪنهن به گڏيل اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. تڪرار تڏهن شروع ٿيو جڏهن نيتن ياهو موساد جي سربراهه تي ايران جي فوجي صلاحيتن ۽ سياسي ۽ سماجي صورتحال بابت غلط معلومات فراهم ڪرڻ جو الزام لڳايو. نيتن ياهو چيو ته ناڪامي اسرائيل جي وجود لاءِ سنگين خطرو ٿي سگهي ٿي. ٻئي طرف موساد جو چوڻ آهي ته انهن وزيراعظم کي صحيح معلومات فراهم ڪئي پر نيتن ياهو  جنگ پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ شروع ڪئي ۽ ناڪامي جي صورت ۾ ذميواري سڌو سنئون وزيراعظم تي هوندي، موساد تي نه. ذريعن موجب آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ۽ نيتن ياهو وچ ۾ ٽيليفون تي منهن ماري به ٿي. برطانوي اخبار ڊيلي ميل مطابق جي ڊي وينس ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ بينجمن نيتن ياهو کي ٻڌايو ته ايران تي حملي کان اڳ سندس اندازا صحيح ثابت نه ٿيا آهن.