نيتن ياهو نفرت ۾ انڌو ٿي ويو: ترڪي اسرائيل تي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

نيتن ياهو نفرت ۾ انڌو ٿي ويو: ترڪي اسرائيل تي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

انقرا (م ڊ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان اسرائيلي وزيراعظم کي موجوده دور جو هٽلر قرار ڏيندي اسرائيل تي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪ صدر چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيون ته اسرائيل کي ان جي حيثيت ڏيکاري ڇڏينداسين. هن واضح ڪيو ته ترڪي جيئن ليبيا ۽ ڪاراباخ ۾ داخل ٿيو هو، ائين ئي اسرائيل ۾ به داخل ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ طاقت ۽ اتحاد جي ضرورت هوندي. سندس چوڻ هو ته نيتن ياهو نفرت ۾ انڌو ٿي چڪو آهي، جنگبندي جي ڏينهن ۾ به اسرائيل سوين بي ڏوهه لبناني قتل ڪري ڇڏيا. ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو چيو آهي ته ايران ۽ انهن جي اتحادين سان جنگ جاري رکنداسين. پنهنجي هڪ بيان ۾ نيتن ياهو ترڪ صدر رجب طيب اردوان تي ايران کي سهولت فراهم ڪرڻ جو الزام لڳائيندي ترڪ صدر تي ڪردن جي قتل عام ۾ ملوث هجڻ جو الزام به لڳايو آهي. اسرائيلي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ايران ۽ انهن جي اتحادين سان جنگ جاري رکنداسين. ترڪ صدارتي آفيس جي ڪميونيڪيشن معاملن جي سربراهه بريانيتن دوران چيوته نيتن ياهو جي غزه ۾ نسل ڪشي ۽ خطي جي 7 ملڪن تي حملا جاري آهن، نيتن ياهو ترڪ صدر کي نشانو بنائڻ جي خوش فهمي ۾ شڪار آهي. هن چيو ته نيتن ياهو ڏوهاري آهي جنهن جي گرفتاري جي وارنٽ جاري ٿي چڪا آهن، نيتن ياهو پنهنجي سياسي بقا جي لاءِ خطي کي ڇڪتاڻ ۽ جهيڙي ۾ ڌڪڻ چاهي ٿو. سڀني کي خبر آهي ته اسرائيلي وزيراعظم ٻين کي درس ڏيڻ جي اخلاقي ۽ قانوني حيثيت وڃائي چڪو آهي، نيتن ياهو کي آخرڪار انسانيت جي خلاف ڏوهه جو ذميوار قرار ڏنو ويندو.