| نيشنل اسٽيڊيم جي اپگريڊيشن ۽ 12 کان وڌيڪ گرائونڊ آپريشنل ڪرڻ لاءِ 6 ارب 70 ڪروڙ منظور |
لاهور: نيشنل اسٽيڊيم جي اپگريڊيشن ۽ 12 کان وڌيڪ گرائونڊ آپريشنل ڪرڻ لاءِ 6 ارب 70 ڪروڙ رپيا منظور ڪيا ويا. پي سي بي جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس ۾ مختلف مالياتي منصوبن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ عورتن جي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامنٽ ڪرائڻ ۽ ان لاءِ فنڊز مختص ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. ان کان کانسواءِ ريجنل گرائونڊ اسٽاف جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 42 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. بورڊ آف گورنرز 12 وڌيڪ گرائونڊز کي آپريشنل ڪرڻ ۽ نيشنل اسٽيڊيم سميت ٻين انفراسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن لاءِ 6 ارب 70 ڪروڙ رپين جي منظوري پڻ ڏني، جڏهن ته لاهور ۾ هاءِ پرفارمنس سينٽر لاءِ بائيو ميڪينڪس مشين لڳائڻ جي فنڊنگ جي به منظوري ڏني وئي.