نيشنل گيمز آرمي جي ڪاميابي سان ختم، واپڊا جو ٻيو نيوي جو ٽيون نمبر، فيلڊ مارشل عاصم منير ٽرافي ڏني

نيشنل گيمز آرمي جي ڪاميابي سان ختم، واپڊا جو ٻيو نيوي جو ٽيون نمبر، فيلڊ مارشل عاصم منير ٽرافي ڏني

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) 35ھين نيشنل گيمز پاڪستان آرمي 200 گولڊ ميڊلز ماڻي کٽي ورتي. پڄاڻي واري تقريب ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿي، جنھن ۾ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل خاص مھمان طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاھ، راندين واري صوبائي وزير محمد بخش مھر ۽ ڪور ڪمانڊر بہ موجود ھئا. تقريب ۾ پاڪستان اولمپڪ ايسوسي ايشن جو صدر عارف سعيد، سيڪريٽري محمد خالد محمود، سنڌ اولمپڪ ايسوسيشن جو سيڪريٽري احمد علي راجپوت، تعليمي ادارن جي ھزارين شاگرد ۽ شاگردياڻين سميت گيمز ۾ شريڪ 24 دستن جي رانديگرن ۽ آفيشلز تقريب ۾ شريڪ ھئا. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيف آف ڊفينس فورسز عاصم منير کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پارايو. فيلڊ مارشل عاصم منير نيشنل گيمز ۾ پنھنجي اعزاز جو ڪامياب دفاع ڪندڙ پاڪستان آرمي کي قائداعظم ٽرافي پيش ڪئي. ٻي پوزيشن تي واجد علي ٽرافي واپڊا بلاول ڀٽو زرداري کان ورتي، پاڪستان نيوي ٽئين پوزيشن سان صدر پاڪستان اولمپڪ ايسوسي ايشن ٽرافي وصول ڪئي. تقريب ۾ خاص مھمان طور شريڪ عاصم منير 35 ھين نيشنل گيمز جي پڄاڻي جو اعلان ڪيو. پاڪ آرمي 200 گولڊ، 97 چاندي، 56 ٽامي جي ميڊلز سميت 353 ميڊل حاصل ڪيا. واپڊا 85 گولڊ، 73 سلور، 74 ٽامي سميت 232، نيوي 36 گولڊ 39 سلور، 35 برونز ڪل 110، پنجاب 16 گولڊ، 38 سلور، 72 برونز سميت ڪل 126، هيڪ 14 گولڊ 39 سلور، 65 برونز ڪل 118، سنڌ 11 گولڊ، 26 سلور، 59 برونز ڪل 96، ايئرفورس 10 گولڊ، 16 سلور، 27 برونز ڪل 53، ڪي پي 5 گولڊ، 18 سلور، 46 برونز ڪل 69، بلوچستان 4 گولڊ 14 سلور، 30 برونز ڪل 48، ريلويز 3 گولڊ 4 سلور 22 برونز ڪل 29، اسلام آباد 2 گولڊ 5 سلور 11 برونز ڪل 18، پوليس هڪ گولڊ 2 سلور، 25 برونز ڪل 28، گلگت 7 برونز ۽ آزاد ڪشمير 7 برونز ميڊل حاصل ڪيا.